مولانا فضل الرحمان کي لانگ مارچ ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ ۾ وڏو تجربو آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

0
220
مولانا فضل الرحمان کي لانگ مارچ
مولانا فضل الرحمان کي لانگ مارچ ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ ۾ وڏو تجربو آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

اسلام آباد: پي ڊي ايم وارا نه بي اعتمادي رٿ آڻين ٿا، نه ئي استعيفيٰ ٿا ڏين، مولانا فضل الرحمان کي لانگ مارچ ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ ۾ وڏو تجربو آهي.

پ پ ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته، لانگ مارچ کان اڳ استعيفائن جِي ڳالهه ڇو نٿي ڪئي وڃي، ثابت ٿي ويو ته استعيفائن وارو معاملو هڪ وڌيڪ ايل ايف او هو،

اسان کي 6 ميمبر هجڻ جو طعنو نه ڏيو، بوزدار حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ اڳرائي ڪريو، پنجاب جو عوام عذاب ۾ آهي ۽ اوهان حڪومت جو خاتمو نٿا چاهيو.