اسان کي هٽائي ڪنهن کي آندو ويو؟: نواز شريف

0
120
اسان کي هٽائي ڪنهن کي آندو ويو؟: نواز شريف
اسان کي هٽائي ڪنهن کي آندو ويو؟: نواز شريف

سيالڪوٽ: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان کي هٽائي ڪنهن کي آندو ويو؟ اهڙو ماڻهو آڻيندڙ اوترا ئي ذميوار آهن، جيترو هو پاڻ آهي، آئي ڏينهن وزيراعظم بدلائڻ، جيل ۽ ملڪ بدري سان ملڪ ڪيئن هلندو؟

سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران نواز شريف چيو آهي ته 2017ع ۾ سازش ڪري نواز ليگ جي چڱي ڀلي حڪومت ختم ڪئي وئي، اسان جي حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته اڄ ملڪ سگهارو هجي ها

هن چيو ته ججن کي ڪهڙي ضرورت هئي سازش جو حصو ٿي ملڪ کي ڪهاڙو هنيو، چونڊن ۾ ڦيرگهير ڇو ڪئي ۽ آر ٽي ايس کي ڇو ويهاريو؟

نواز شريف چيو ته 70 سالن کان هن ملڪ سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو، الله نه ڪري ڪنهن ٻئي ملڪ سان اهو ٿئي، اسان وٽ هاڻي غلطي جو موقعو ناهي، اڃا به سبق نه سکيو ته علامه اقبال چواڻي داستانن ۾ اسان جو ذڪر نه هوندو