ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول چيو آهي ته ڪراچي تي آبادي جو دٻاءُ هجڻ باوجود شهر جي آدمشماري گھٽ ڏيکاري وئي آهي، ڪالهه بهادرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 1951ع  ۽ 1961ع  کانپوءِ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو تاريخ جو حصو آهي، هر 10 سالن ۾ ٿيندڙ آدمشماري ۾ ڪراچي جي حق تلفي  ٿئي پئي، اسان جا خدشا هاڻي يقين ۾ تبديل ٿي رهيا آهن ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن خاص فارمولا تحت ٿي رهيو آهي،  هن چيو ته 2017 جي آدمشماري کان اڳ ايم ڪيو ايم سپريم ڪورٽ پهتي هئي، 2017ع جي آدمشماري جي نتيجن ايم ڪيو ايم جي خدشن کي درست ثابت ڪيو، هن چيو ته هن ڀيري آدمشماري وقت کان اڳ ٿي رهي آهي، جڏهن ته گذريل آدمشماري 19 سالن جي دير سان ٿي هئي، هن چيو ته اسان  وفاقي حڪومت، رياست ۽ عدالت کان انهي ناانصافي تي سوال ڪرڻ چاهيون ٿا، عدالتن اسان جي اپيلن تي حوصلا افزائي وارا فيصلا ناهن ڏنا، هن وڌيڪ چيو ته 2017 ۾ سنڌ ۾ آدمشماري جا 39 هزار بلاڪس هئا، جيڪي هاڻ 43 هزار آهن، رڳو ڪراچي ۾ بلاڪس ۾ 9 سيڪڙو (1315 بلاڪس) جو اضافو ٿيو، انهي باوجود آدمشماري ۾ نالي ماتر واڌ ڏيکاري وئي آهي، اسان کي آدمشماري جا نتيجا قبول ناهن.