اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جو دورو ڪندو، پرڏيهي کاتي تصديق ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان هفتيوار بريفنگ دوران ٻڌايو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 4 مئي تي گووا ۾ ويندڙ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو، وفد ٻه ڏينهن ڀارت ۾ ترسندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت  ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري 2016 کانپوءِ ڀارت جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني پرڏيهي وزير هوندو.