ارباب جا ايندڙ ڏينهن ۽ سنڌ جي سياسي قسمت

0
247

وزيراعظم عمران خان پاران سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ ڊاڪٽر ارباب رحيم کي سنڌ جي معاملن بابت پنهنجو معاون مقرر ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ سنڌ جي مختلف سياسي حلقن ۾ ان مقرري مٿان مختلف تجزيا ڪيا پيا وڃن.ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته وزيراعظم عمران خان ايندڙ ڪجهه مهينن لاءِ سنڌ مٿان گهري نظر رکندو ۽ مختلف شهرن ۾ جلسن کي پڻ خطاب ڪندو تنهن ڪري کيس سنڌ ۾ هڪ نئين معاون جي ضرورت هئي. جڏهن ته ڪجهه سياسي حلقن جو خيال وري قومي ميڊيا جي هيڊلائينز جهڙو آهي ته وزيراعظم سنڌ ۾ حڪمران پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن ڪري هاڻي ڊاڪٽر ارباب جهڙو ماڻهو مقرر ڪيو ويو آهي. پر عجيب ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي حڪمران پيپلزپارٽي جي ڪنهن به اهم اڳواڻ يا خود وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ان مقرريءَ بابت ڪو خاص ردعمل ظاهر نه ڪيو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته پيپلزپارٽي کي ڊاڪٽر ارباب رحيم جي مقرريءَ بابت ڪا خاص ڳڻتي نه رهي آهي.
ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ٿرپارڪر جي اهم سياسي گهراڻي يعني ارباب گهراڻي جو اهو فرد آهي جيڪو نوجواني کان ويندي هاڻوڪي عمر يعني چوهٺ سالن تائين سياست جي ريگستان ۾ پنهنجو مختصر قافلو کڻي سفر ڪندو رهيو آهي.هو جڏهن ڪراچي جي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته سندس مائٽن کيس ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو هو ۽ هن پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي سياست جي اهڙي راهه ورتي جيڪا سنڌ اندر مقبول سياسي جماعت پيپلزپارٽي جي مخالفت واري واٽ آهي.ان واٽ تي هلندي هن کي ڪيتريون ئي ڪاميابيون ۽ ناڪاميون گڏوگڏ نصيب ٿيون آهن پر سندس سفر اڃان جاري آهي.ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پاڪستان جي اڳوڻي آمر جنرل مشرف جي دور ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو جنهن ۾ هن پيپلزپارٽي کي سياسي طرح چٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ هو مڪمل ڪامياب نه ٿي سگهيو.سندس وزارت اعليٰ واري دور دوران ٿر ۾ بهترين روڊ رستا ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن به سندس اقتدار کي بهترين دور قرار نه ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پنهنجو پاڻ کي فخريه تبليغي جماعت جو ميمبر سڏائيندو آهي ۽ هو مهينن جا مهينا تبليغ تي پڻ پابندي سان ويندو رهندو آهي. جنرل مشرف جي دور ۾ جڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ هو ته هو لاڙڪاڻي واري سرڪٽ هائوس ۾ اجلاس ڪرڻ بدران ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي مدرسي ۾ اجلاس سڏائيندو هو. منهنجي پڻ ساڻس پهرين ملاقات ان ئي مدرسي ۾ تڏهن ٿي هئي جڏهن اسان جي ساٿي ڪئميرامين منير سانگي کي شهيد ڪيو ويو هو ۽ الزام سندس صوبائي وزير الطاف انڙ مٿان لڳايو ويو هو. اهو ڪيڏو نه عجيب اتفاق آهي ته هاڻي به ارباب رحيم کي سنڌ معاملن جو ان وقت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي مخالف اليڪشني اتحاد جي هڪ گڏجاڻي ٿي گذري آهي جنهن جي ميزباني سندس دوست ڊاڪٽر خالد جي پٽن ڪئي آهي. اهو بلڪل عين ممڪن آهي ته سڀاڻي اهي ٻئي ڌريون پاڻ ۾ اليڪشني اتحاد ڪري پيپلزپارٽي سان مقابلي جو اعلان ڪن.
سياسي تجزيه نگارن سان گڏ سنڌ ۾ خود پي ٽي آئي جا پراڻا اڳواڻ حيران آهن ته ڊاڪٽر ارباب رحيم ۾ وزيراعظم عمران خان آخر اهڙو ڇا ڏٺو آهي جو پي ٽي آئي ۾ شموليت جو هڪ مهينو به مڪمل نه ٿيو اٿس ته کيس وزيراعظم پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته ان کان اڳ لياقت جتوئي، ممتاز ڀٽو جهڙا سنڌ جا اڳوڻا وزيراعليٰ به پي ٽي آئي ۾ شام هئا پر وزيراعظم عمران خان انهن کي ڪو خاص عهدو نه ڏنو هو.ڪجهه ڄاڻو حلقن جو اهو به چوڻ آهي ته عمرڪوٽ جي گذريل ضمني اليڪشن دوران ڊاڪٽر ارباب رحيم جي هارائڻ بعد ڏنل اها ميار به ڪجهه ڪم ڏيکاري وئي آهي جنهن ۾ هن وزيراعظم عمران خان توڙي راولپنڊي جي مقتدر حلقن کي اهو کليل پيغام ڏنو هو ته جيڪڏهن آخري وقت تائين سپورٽ نٿا ڪري سگهو ته پوءِ اليڪشن ۾ بيهاريو ڇو ٿا.؟ جيڪي ماڻهو ڊاڪٽر ارباب رحيم کي سڃاڻين ٿا انهن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر زبان جو تمام گهڻو کليل آهي جنهن ڪري کيس ڪيترائي سياسي ۽ ذاتي نقصان پڻ ٿي چڪا آهن پر اها عادت سندس عضوو بڻجي چڪي آهي جنهن کي هو ڪٽي ڌار به نٿو ڪري سگهي.اوهان کي ياد هوندو ته ڊاڪٽر ارباب رحيم پنهنجي وزارت اعليٰ واري دور ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو لاءِ اڻوڻندڙ لفظ ڳالهايا هئا جنهن ڪري پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۾ ايتري ڪاوڙ ۽ غصو هو جو شڪارپور جي هڪ جيالي کيس سنڌ اسيمبلي جي احاطي ۾ جوتو هڻي ڪڍيو هو جنهن بعد هن دبئي وڃي جلاوطني اختيار ڪئي هئي ۽ بعد ۾ معاملا طئه ٿيڻ بعد هن اچي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي.
ڊاڪٽر ارباب رحيم جو سياسي ڪيريئر پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان گڏوگڏ راولپنڊي جي مقتدر حلقن جي حمايت سان هلندو آيو آهي.پنڊي جي ان حمايت متعلق ها يا نه ڪرڻ ۾ ڪي ماڻهو ججهڪ يا هٻڪ محسوس ڪندا آهن پر هي انهن چند سياستدانن منجهان آهي جيڪي فخر سان اها ڳالهه تسليم ڪندا آهن.اها ڳالهه خود ڊاڪٽر ارباب رحيم ڪيئي ڀيرا ورجائي آهي ته کيس فلاڻي جنرل وزيراعليٰ ڪرايو هو نه ته امتياز شيخ انهن ڏينهن ۾ سندن مضبوط اميدوار هو. ڊاڪٽر ارباب جي ڊي اي ۾ به رهيو ته جنرل مشرف واري مسلم ليگ ق ۾ به رهيو.مسلم ليگ نواز ۾ به رهيو ته پنهنجي ڪا غير معروف سياسي جماعت پڻ ٺاهيائين پر هلي نه سگهي ۽ نيٺ وڃي حڪمران جماعت پي ٽي آئي ۾ شموليت اختيار ڪيائين. وفاقي حڪمران جماعت ۾ شموليت سان گڏ هاڻي جيڪا کيس سنڌ جي حوالي سان ذميواري ملي آهي ان بابت سوال سڌو ۽ سادو اهو آهي ته هو اها اسائينمينٽ ڪيتري حد تائين نڀائي سگهندو. سندس ڪم ڪار جي دائري ۽ کيس مليل اسائينمينٽ جي قاعدن قانونن جي معلومات اڃان عام نه ٿي آهي پر ٿلهي ليکي اهو سمجهيو پيو وڃي ته کيس پي پي مخالف سياسي سرگرمين جي ذميواري سونپي وئي آهي.جيڪا هو پنهنجي پوري عمر پوري ايمانداري سان ڪندو آيو آهي.پر هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پي ٽي آئي جي پراڻن سنڌي اڳواڻن کي هو گڏ کڻي هلي سگهندو ڇا لياقت جتوئي يا ممتاز ڀٽو جو فرزند امير بخش ڀٽو سندس قيادت ۾ هلي سگهندا.؟
وفاقي حڪومت اهڙا تجربا ڪندي رهي آهي جيئن لاڙڪاڻي ۾ پراڻن اڳواڻن کي ڇڏي تازو پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ٺيڪيدار سيف الله ابڙي کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏني وئي.جنهن تي پڻ پراڻا پي ٽي آئي اڳواڻ اڃان تائين ناراض آهن.ٻئي پاسي ڊاڪٽر ارباب رحيم جو حليم عادل شيخ سان ۽ شاهه محمود قريشي سان سياسي توازن ڪيترو برقرار رهندو ۽ ڪيترا ڏينهن هلي سگهندو ڇو ته اهي ٻئي اڳواڻ پڻ پي ٽي آئي قيادت کي سنڌ جي معاملن ۾ پنهنجي ماهراڻين تجويزن سان نوازيندا رهيا آهن.اهو خود ٻنهي ڌرين لاءِ امتحان هوندو ته هو ڊاڪٽر ارباب رحيم کي ڪيترو سياسي اسپيس ڏئي سگهن ٿا.
سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي مسلسل اقتدار وارن تيرنهن سالن دوران بدترين حڪمراني جا معاملا سامهون ايندا رهيا آهن. عام ماڻهو پنهنجي پنهنجي شهرن جي بابت ٻڌائيندا رهيا آهن ته سندن چونڊيل نمائندن سندن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گندگي کان ويندي پيئڻ واري صاف پاڻي جهڙا بنيادي مسئلا به حل نه ڪيا آهن.سنڌ ۾ حڪمران پيپلزپارٽي جي اڳواڻن مٿان ڪرپشن جا الزام پڻ لڳندا رهيا آهن جنهن ڪري عوام مٿن ڪاوڙيل رهيو آهي پر سوال هميشه جيان هاڻي به ساڳيو ئي آهي ته ڇا ان عوامي ڪاوڙ کي پي ٽي آئي يا ڪا ٻي پارٽي اڪيلي سر اليڪشن ۾ سياسي طرح ڪيش ڪرائي سگهندي.
اها ڪوشش تمام گهڻين پارٽين ڪئي ۽ انهن کي اليڪشن ۾ نتيجا ٻڙي مليا.هاڻي ڏسجي ته ڊاڪٽر ارباب رحيم سنڌ فتح ڪرڻ واري ان سياسي جنگ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي سگهي ٿو ۽ اسلام آباد توڙي راولپنڊي وارا سندس ساٿي کيس ڪهڙن نون سياسي هٿيارن سان ليس ڪري ميدان ۾ لاهين ٿا اهو ڪجهه ڏينهن ۾ ئي سڀني جي سامهون ظاهر ٿي پوندو.