سنڌ حڪومت تي ٿيندڙ تنقيد ۽ ڪجھه حقيقتون!

0
350

ٽن مهينن اندر ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جا واعدا ڪندڙ هن حڪومت ساڍن ٽن سالن اندر ملڪ جي مسڪين ماڻهن سان مهانگائي جي شڪل ۾ جيڪو حشر ڪيو آهي سو ستر سالن ۾ ملٽري حڪومتن کي ملائي سڀني حڪومتن به هيسيتائين ناهي ڪيو. اهو آئون نٿو چوان پر ملڪي ادارا پنهنجن جاري ڪيل انگن اکرن ۾ به مڃين ٿا ته رڌ پچاءُ لاءِ ڪم ايندڙ جيڪو هڪ ڪلو گيھه ستر سالن ۾ هڪ سئو ستر روپين تي پهتو هو سو ساڍن ٽن سالن ۾ ٽن سئو رپين کان به مٿي چڙهي ويو آهي. ساڳيو حال غريبن جي کاڌي وارين سمورين ٻين شين سان به آهي، کنڊ هجي يا دال، اٽو هجي يا چانور، مهانگائي ماڻهن کي هڻي ماري وڌو آهي. هڪ طرف ڊالر ۽ پيٽرول جا اگھه آسمان تان هيٺ لهڻ جو نالو نٿا وٺن ته ٻئي طرف ڪروڙين نوڪرين جا اعلان به وڻ پوکڻ وارن اعلانن وانگر هوا ۾ اڏامي ويا.
وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ کان وٺي حڪومتي خرچ گهٽائڻ ۽ سرڪري پروٽوڪولز ختم ڪرڻ وارا ڪيل سمورا اعلان به اوهان آڏو آهن.
وفاقي حڪومت جي اهڙي ويڌن باوجود سنڌ حڪومت مٿان تنقيد جا تير ساڳي رفتار سان وسي رهيا آهن. جيتوڻيڪ تنقيد نه فقط جمهوريت جي سونهن هوندي آهي ۽ تنقيد پنهنجي خامين ۽ ڪوتاهين کي پرکڻ لاءِ آئيني جو ڪردار به ادا ڪندي آهي پر جڏهن اها تنقيد هڪ طرفي هجي ۽ اها تنقيد ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ تي واويلا ڪرڻ ۽ اسلام آباد جي رستن تي گاڏيون لڙهڻ وارن منظرن کي ڪڪرن جي ڦاٽڻ جهڙي محض بغض جي بنياد واري هجي ته پوءِ اها تنقيد، تنقيد نه پر ناانصافي بڻجي وڃي ٿي!
جيڪڏهن سنڌ حڪومت تمام گهڻين اوڻاين ۽ خامين سان گڏ ڪي چار چڱا ڪم به ڪم ڪيا هجن ته انهن کان اکيون پوري رڳو بغض تي ٻڌل تنقيد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟
آئون هنن صفحن تي هن کان اڳ پ پ جي سنڌ حڪومت جي خوبين سان گڏ ڪيترين ئي خامين کي پڻ کوٽيندو رهيو آهيان پر پاڻ جيڪر موجوده وفاقي حڪومت جي ٺلهن اعلانن کي وساري سندس پاران ڪيل عملي ڪم ۽ پ پ جي سنڌ حڪومت پاران ڪيل عملي ڪم تي هوا ۾ لٺيون هڻڻ بدران انگن اکرن سان ۽ دليلن سان ويهي ٿوري دير لاءِ ڀيٽ ڪريون ته هر ڳالھه واضح ۽ چٽي ٿي ويندي. اوهان کي ياد هوندو ته ساڍا ٽي سال اڳ تائين عمران خان هر جلسي ۾ سندس امڙ جي نالي سان قائم ڪيل اسپتال جا مثال ڏئي اهو بانور ڪرائڻ چاهيندو هو ته هو نه فقط هڪ سٺو منتظم آهي پر تمام وڏو ايماندار شخص پڻ آهي، جيتوڻيڪ سندس ايماندار ۽ انتظامڪاري جا احوال ته سندس حاڪميت جا گذري ويل ساڍا ٽي سال پاڻ پيا ٻڌائين پر بدقسمتي سان عمران خان وٽ ملڪ جو وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ اڄ به سواءِ شوڪت خانم ڪينسر اسپتال جي ٻيو ڪوبه اهڙو مثال ناهي جنهن جو هو ذڪر ڪري ڪنڌ مٿي کڻي سگهي. سندس پاران لنگر خانن جي قيام کان وٺي ڪڪڙيون پالڻ وارن پروگرامن جي پٺيان سندس ذهانت ۽ نظريا توڙي انتظامڪاريون به قوم جي اڳيان آهن ان ڪري سنڌ جي ڪمائي تي هلندڙ وفاقي حڪومت جي سنڌ حڪومت سان ڀيٽ ڪرڻ لاءِ پاڻ رڳو سنڌ ۾ اسپتالن جي نالي تي ٿيل ترقيءَ جو احوال اوريون ته به ڪافي ٿيندو.
پاڻ ان ڳالھه تي بحث نٿا ڪريون ته سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي پ پ حڪومت مٿان هرروز ٿيندڙ تنقيد ڪنهن منظم سازش تحت ٿئي ٿي يا نه، جنهن ۾ پ پ جي 13 سالن کان قائم سنڌ حڪومت جي سڀني کاتن کي نا اهل ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو. يقينن ان قسم جي تنقيد جو بنيادي مقصد اهوئي هجي ٿو ته جيئن سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ئي چونڊيل حڪومت جي خلاف اٿي بيهن.
سمورن اختلافن ۽ ڪوتاهين جي باوجود ان ڳالهه جي شديد ضرورت آهي ته هر حڪومت وانگر موجوده سنڌ حڪومت تي هر قسم جي تنقيد ڪرڻ سان گڏ جيڪي سٺا ڪم ڪيا ويا آهن انهن جو به ايمانداري سان نه فقط ذڪر ٿيڻ کپي پر ان جي کين جائز مڃتا ۽ شاباسي به ملڻ کپي.
جيتوڻيڪ پاڻ روينيو کاتي جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ کان وٺي زرعي زمين لاءِ زيان ٿيندڙ پاڻي بچائڻ لاءِ ورلڊبينڪ جي تعاون سان تعمير ڪيل واٽر ڪورسز جي وڇايل ڄار جو ذڪر به ڪري سگهون ٿا. پاڻ سنڌ اسيمبليءَ ۾ عورتن، ٻارن جي حق ۾ پاس ڪيل بلن ۽ ٻين مختلف قسمن جي ٿيل قانون سازي کان وٺي بيروزگارن کي مليل نوڪرين ۽ تازو ڪورونا وبا کي روڪڻ لاءِ ڪيل سنڌ حڪومت جي ڪوششن واريون چڱيون ڳالهيون به ڳائي سگهون ٿا، پر پاڻ هن وقت ذڪر ڪنداسين رڳو صحت جي شعبي ۾ کنيل مثالي قدمن جو ۽ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته بهتري ۽ ڀلائي جي تمام تر گنجائشن جي باوجود سنڌ صوبو وفاق توڙي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪٿي بيٺل آهي؟
18هين ترميم کان اڳ سنڌ ۾ دل جي مرضن جي علاج جو واحد شعبو فقط ڪراچيءَ جي جناح اسپتال جي زيرنگراني هلندڙ NICVD ھو پر ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ پاس ٿيل ارڙهين ترميم کان پوءِ صوبن کي مليل اختيارن کي استعمال ڪندي سنڌ حڪومت 2012ع کان جناح اسپتال ۽ ان جي زير نگراني هلندڙ اداري NICVD جا انتظام سنڀالي ورتا. ان کان اڳ جڏهن هي ادارو سنڌ جي ئي ٽئڪسن ۽ وسيلن مان حاصل ڪيل دولت تي وفاق جي زيرنگراني ۾ هلندڙ هو ته اتي علاج لاءِ گهربل هر شيءَ مريض کي ميڊيڪل اسٽور تان وٺڻي پوندي هئي، پر جي معاملو ٿورو وڌيل هجي ته ۽ اينجيوگرافي لاءِ وري مريضن کي ڇھه مهينن کان سال تائين رلڻو پوندو هو، ان دوران ڪيترائي مريض پنهنجي واري جو انتظار ڪندي ويچارا ته وڃي راھه رباني وٺندا هئا، ليڪن اوهان کي حيرت ٿيندي ته سنڌ حڪومت دل جي مرضن واري ڳنڀير معاملي کي نظر ۾ رکندي اهو طئه ڪيو ته سنڌ توڙي سموري ملڪ جي ماڻهن لاءِ ڪي اهڙا قدم کڻجن جو کين ڪا آساني نصيب ٿي سگهي جنهن کان پوءِ پهرين ته 31 شهرن ۾ ڇاتيءَ جي سور واري علاج لاءِ “چيسٽ پين سينٽر” کوليا ويا، جن جي ذريعي گهڻو ڪري مريضن جي بيماري جي تشخيص انهن ئي “چيسٽ پين سينٽرز” ۾ ٿي ويندي آهي ۽ جي ضرورت پوي ته انهن کي وري NICVD ۾ ريفر ڪيو ويندو آهي. حيران ڪن طريقي سان ۽ هنگامي بنيادن تي سنڌ جي ڪافي شهرن ۾ NICVD جون اسپتالون پڻ قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ ڪراچي کان سواءِ قاسم آباد حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، خيرپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد شهر وغيره شامل آهن جتي دل جي مرضن جو مڪمل علاج ممڪن ٿي ويو آهي. پاڻ رڳو سنڌ جي هڪ ننڍڙي شهر ٽنڊو محمد خان جو ذڪر ڪريون ته اتي جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ ۾ نه فقط دل جا بائي پاس جهڙا وڏا آپريشن به شروع ٿي ويا آهن پر اهي ڪامياب به ٿيا آهن.
پاڻ کي شايد اهو وقت ياد هوندو جڏهن دل جو وڏو آپريشن هن ملڪ ۾ ماڻهن لاءِ خواب هوندو هو، بعد ۾ اهو آپريشن فقط ڪراچي ۾ ممڪن هو پر ان لاءِ به لکين رپين جي ضرورت هوندي هئي، ٻين لفظن ۾ ته اهو علاج غريب ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ ته ممڪن ئي ڪونه هو. جن ماڻهن وٽ ڌن دولت هئي اهي ته آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن مان به علاج ڪرائي وٺندا هئا پر مڃڻو پوندو ته سنڌ حڪومت اهو انقلابي قدم کڻي دل جي آپريشن ۽ ان جي علاج لاءِ سموري سنڌ ۾ جديد قسم جي اسپتالن جو ڄار وڇايو جنهن کان پوءِ هاڻي اوهان کي شايد اهو تمام گهٽ ٻڌڻ ۾ ايندو هوندو ته ڪو دل جي عارضي ۾ مبتلا مريض علاج جي سهولت نه هجڻ ڪري مري ويو هجي! (حصو پهريون )