احساس ڪفالت ادائگين ۾ پريشانيون

0
206

سينيٽر ثانيه نشتر ٽوئيٽر تي عوام کان سوال ڪيو ته احساس ڪفالت جي ادائگيني کي آسان بڻائڻ ۾ صارفين جي راءِ اسان لاءِ انتهائي اهم آهي، ان سلسلي ۾ جن ڪفالت صارفين کي ادائيگين ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي اهي هن سروي ۾ حصو وٺن ۽ پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪن، سروي ۾ مختلف آپشن ڏنا ويا ته ڇا ادائگي مرڪزن تي رش آهي؟ بائيوميٽرڪ جو مسئلو آهي؟ اڪائونٽ ۾ رقم ناهي آئي؟ اڪائونٽ عارضي طور بند آهي. اهڙي سروي ۾ 50 سيڪڙو ماڻهن چيو ته ادائگي مرڪزن تي رش آهي، 25.5 سيڪڙو ماڻهن چيو ته بائيو ميٽرڪ جو مسئلو آهي، 18.8 سيڪڙو ماڻهن چيو ته اڪائونٽ ۾ رقم ناهي آئي، 5.7 سيڪڙو ماڻهن چيو ته اڪائونٽ عارضي طور بند آهي. اهڙي سروي ۾ 3 هزار 281 کان وڌيڪ ماڻهن حصو ورتو.