اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

0
184
اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي، آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو

آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مبين عرف مجروح مارجي ويو، مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هو، مارجي ويل دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ به ملوث هو