ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم پشاور زلمي کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي طرفان مليل 169 رنسن جو هدف اسلام آباد يونائيٽيڊ 15.5 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. اسلام آباد طرفان پال اسٽرلنگ 25 بالن ۾ 57 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ايليڪس هيلز 82 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پشاور زلمي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنسون ٺاهيون. شرفاني رٿفورڊ 70 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، بين ڪٽنگ 26، ڪپتان شعيب ملڪ 25، حيدر علي 15، ياسر خان 14 رنسن سان اڳڀرا رهيا. ميچ جو بهترين رانديگر اسلام آباد يونائيٽيڊ جي پال اسٽرلنگ کي قرار ڏنو ويو.