نيٺ ٿيندو ڇا ؟….. سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل پاران آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊماسترن کي پڪو نه ڪرڻ جي سفارش: سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل، کيس هٽائڻ جو مطالبو

0
129
نيٺ ٿيندو ڇا ؟..... سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل پاران آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊماسترن کي پڪو نه ڪرڻ جي سفارش: سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل، کيس هٽائڻ جو مطالبو

 سماجي رابطن جي ويب سائيٽن تي سنڌ جي مسئلن جي حوالي سان مهم به هلائي ويندي آهي جنهن ڪري نه رڳو مسئلا اجاڳر ٿي رهيا آهن پر ڪيترائي ماڻهو مختلف معاملن تي عوام کي آگاهي به ڏيندا آهن. اهڙي ئي هڪ پوسٽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر فيس بڪ تي رکي آهي جنهن ۾ هن آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ هيڊماسترن جي مدي ۾ واڌ بابت سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل ايڊووڪيٽ جنرل جي موقف کي سامهون آندو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن ان تي تبصرا به ڪيا آهن جن ۾ ان موقف بابت پنهنجي پنهنجي راءِ بيان ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر قاسم راڄپر لکيو آهي ته ھي منھن ڏئي ٻنُ تون وھُ کائي نه مرين. ھي سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل آھي. جنھن کي آءِ بي اي ھيڊ ماسترن جي مدي ۾ واڌ تي تڪليف آھي.

اصل ۾ ھن جي تڪليف جو ڪارڻ اھو آھي ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ھيڊ ماسترن جي اڪثريت سنڌي نوجوانن تي مشتمل آھي. هن پنهنجي سفارش ۾ چيو آهي ته ڪانٽريڪٽ تي مقرر گريڊ 17 جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ھيڊ ماسترن جو ڪانٽريڪٽ کي نه وڌايو وڃي ۽ کين ملازمت جاري رکڻ جو ڪو حق ناھي، کين فارغ ڪيو وڃي. هن اهڙو اظهار  لا ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري ڏانھن ليٽر لکي ظاهر ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ 17 گريڊ جي پوسٽ تي ڪانٽريڪٽ نٿو ڏئي سگهجي ۽ ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪانٽريڪٽ renew نٿو ٿي سگهي. ان تي تبصرو ڪندي سينئر صحافي شڪيل نائچ چيو ته اھڙن ماڻھن کي رکيو ڇو ويو آهي؟ صحافي رفيق ثمر لکيو ته سنڌ حڪومت جو ٽوپي ڊرامو آهي جنھن ايڊووڪيٽ جنرل کي اڳتي آڻي ان کان ليٽر جاري ڪرايو آهي پر مان دعوى سان ٿو چوان ته جيڪڏهن حڪومت آءِ بي اي ھيڊماسترن ۽ ھيڊماسترياڻين کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ته پوءِ سمجھو ته سنڌ جي تعليم جو الله ئي واھي آهي، ڇاڪاڻ ته چئن سالن ۾ آءِ بي اي ھيڊماسترن ۽ ھيڊماسترياڻين سنڌ جي پٺتي پيل تعليم جو ٻڏندڙ ٻيڙو تارڻ لاءِ پنهنجو رت ست وھائي ان کي ھلائڻ جي لائق بڻايو آهي جن جي شاھدي پوري سنڌ جا ساڃاھ وند ڏيندا.

اسان سنڌ حڪومت کي پرزور اپيل ٿا ڪيون ته خدارا تعليم بچائڻ لاءِ آءِ بي اي ھيڊماسترن کي پڪو ڪري معصوم ٻارن جي مستقبل تي رحم ڪيو وڃي. سيد شاهه رضا شاهه چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حڪومت جي حڪم تي عمل ڪندو آهي. ڊاڪٽر شرف بهڻ چيو ته سائين ان کي سي سي اي 19 وارن جي جوائننگ تي به تڪليف آهي. الاءِ ڇو سنڌ حڪومت سنڌ دشمن ماڻهن کي ايڏن وڏن عهدن سان نوازي ٿي. شهربانو ڪاڪا لکيو ته افسوس. سعيد احمد لکيو ته سائين ان کي اپائنٽ به ته سنڌ گورنمنٽ ڪيو هوندو. امير حسين چيو ته هاءِ ڪورٽ ته واضع لکيو آ پنهنجي فيصلي ۾ آءِ بي اي هيڊماسترن جي باري ۾. اياز علي ميراڻي ۽ لکيو ته  ايڊووڪيٽ جنرل وڏي وزير جي انڊر ڪم ڪندو آهي هن جا ڪيترائي فيصلا سنڌ حڪومت خلاف هوندا آهن ته هن کي هٽائي ڇو نه ٿا ڇڏين. سوشل ميڊيا تي کيس هٽائڻ جي مهم هلائڻ گهرجي. شاهديو ڪمار لکيو ته سنڌ حڪومت آخر هن کي ڇو نه پئي ھٽائي؟ ڪھڙي املھه شي آھي اھو سلمان طالب الدين؟ پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي انھن ھيڊ ماسترن جي موزونيت جو امتحان ڇو نه پيو ورتو وڃي، کين پڪو ڇو نٿو ڪيو وڃي، ھر ڀيري ڪانٽريڪٽ ڇو پيو وڌايو وڃي؟ ڪجھه ته سنڌ حڪومت کي به پيٽ ۾ سور آهي. نادر علي چانڊيو لکيو ته ھيڊماسترن کي تعليم کاتي ڀرتي ڪيو آھي ايڊووڪيٽ جنرل نه. تعليم کاتي جي سيڪريٽري عدالت سڳوري جي سامھون بيان رڪارڊ ڪرايو آھي ته ھنن جي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ رھندي ۽ ھو ڪيس سنڌ پبلڪ سروس ۾ چڪاس لاءِ موڪلي ريگيولر ڪرڻ جي سفارش موڪليندا.

ان بيان جي رڪارڊ کانپوءِ عدالت سڳوري فيصلو به جاري ڪيو آهي. نواز آريسر لکيو ته افسوس جمن جمالي راءِ ڏني ته سنڌ کي سڀ قانوني آئيني حق ڏياري ڇڏيا اٿس، باقي اهو ڪم رهجي ويو هو. محمد امين ڇڄڙو چيو ته جهالت واري فيصلن کي تبديل ڪريو ائين اوھان جي جنگل جي قانون کي به اپڊيٽ ڪريو جي نه ٿئي ته اچو اوھان کي صلاح ڏيون باقي لڪير جا فقير نه ٿيو ڪنهن به صورت ۾ قابل ۽ ميرٽ تي ايندڙ اُستادن سان نا انصافي برداشت نه ڪبي. محمد موسيٰ هڱورجو چيو ته اهو ئي اي جي ڪميشن وسيلي جائز انٽرويو پاس جوانن جي جوائننگ ۾ رنڊڪ وجهي ويٺو هو سنڌ حڪومت کي الائي ڪهڙي مجبوري آهي جو اهڙي نااهل کي اهم عهدي تي ويهاريو ويو آهي. حاڪم جتوئي چيو ته وڏو ظلم آ سنڌ جي تعليم سان. اياز خان لکيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جا آرڊر ڏنا اھي انھن کي نظر ئي ڪونه ٿا اچن تعصب پرستي ۾ رڳو سپريم ڪورٽ جا غير واسطيدار حوالا ڏنا ويا آهن.

امن خان چيو ته سائين سنڌ گورنمينٽ لاءِ شرم جو مقام آھي جو اھڙي سنڌ دشمن کي ايڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو اٿن، امام علي ڏيٿو چيو ته سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حڪومت جي منظوري کانسواءِ لا ڊپارٽمينث کي اهڙو ليٽر ڪيئن ٿو جاري ڪري سگهي ؟ زاهد شاهه بخاري چيو ته سيڪريٽري ايجوڪيشن اي جي سنڌ پاڻ موجود هئا ۽ ان فيصلي لکائڻ مهل آماده هئا۔ هاڻي ڇا ماجرا آهي جو سائين جن چيف جسٽس سنڌ جي ٻڌل بئنچ جي فيصلي کي نٿا مڃن۔ اشفاق علي جوکيو چيو ته سائين هنن ڇوڪرن اسڪول سڌاريا اهو ئي ته ڏوه آ۔ پرائمري اسڪولس ۾ ١۔ مڊٽرم ٢۔اسمبلي ٣۔ڊريس ڪوڊ ٤۔فنڪشنس ٥۔پڪنڪ (اسٽڊي ٽوئر) ٦۔سول سوسائٽي ۽ ڪميونٽي کي onboard وٺڻ۔ اهي غلطيون ڪري ڇڏيون هنن ڇوڪرن۔ ٩٥٠ مان اڌ کان وڌ M.Phill ۽ Ph.Dوڌيڪ توهان سمجهي سگهو ٿا دليپ اوڍاڻو چيو ته بھترين فيصلو 17 جي پوسٽ جي سنڌ پبلڪ سروس امتحان وٺي ھا ته پو۽ ڪير به اعتراض نه ڪري ھا سنڌ گورنمنٽ پاڻ ميرٽ جي لتاڙ ڪئي آھي. شاهنواز واجد لکيو ته اسان جا سنڌي قانوندان ڪٿي آھن اھي ڇو ڪونه ٿا جواب ڏين.