ابراهيم حيدري ۾ بااثرن جي تشدد سبب پورهيت فوت، وارثن جو ڌرڻو

0
278

ڪراچي: ابراهيم حيدري ۾ بااثرن جي مبينا تشدد سبب پورهيت مارجي ويو، وارثن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي

ان ڏس ۾ ابراهيم حيدري واسي پورهيتن احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته بااثر جوابدارن عرفان عمر،عمران، عدنان ۽ ڪامران گهر تي حملو ڪري نوجوان ابراهيم ڪڇي کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب هو زندگي وڃائي ويٺو

پورهيت جي وارثن ابراهيم حيدري جي مک اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، پيپلز پارٽي اڳواڻ جان عالم ڄاموٽ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ روڊ کولرايو

پورهيت جي وارثن الزام هنيو آهي ته بااثر جوابدارن جيئڻ تنگ ڪري ڇڏيو آهي، گهرن تي حملا ڪري نوجوانن کي تشدد جو نشانو بڻائين ٿا، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي