نيويارڪ (دلچسپ نيوز) سڄي دنيا ۾ ڪوئن کي بيماريون پکيڙڻ ۽ شين کي ٽڪڻ جي نقصان جي ڪري پسند ناهي ڪيو ويندو ۽ انهن جي خاتمي لاءِ دوائون استعمال ڪيون وينديون آهن پر آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي سين ڊياگو چڙيا گهر ۾ تنزانيا مان ڪوئا گهرايا ويا آهن جيڪي ڪوئن جي ساک کي بحال ڪري سگهن ٿا.آمريڪا جي ٽن چڙيا گهرن کي تنزانيا ۾ قائم هڪ تنظيم اهي ڪوئا ڏنا آهن، اها تنظيم آفريقا سان واسطو رکندڙانهن وڏن ڪوئن کي جهنگلي جيوت جي اسمگلنگ ۽ بيمارين جي سڃاڻپ تيار ڪري ٿي. تنزانيا مان آندل هي آفريقي ڪوئا عام طور تي شهرين يا انساني آباد ۾ موجود ڪوئن کان ٻيڻا وڏا آهن. هنن ڪوئن کي انگولا، موزبيق ۽ ڪمبوڊيا ۾ بارودي سرنگن جو پتو لڳائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ هنن جي ڪارڪردگي کي ڏسندي هن کي هيرو ريٽ چيو وڃي ٿو.