واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا جي هڪ اسڪول ۾ شاگردياڻي موبائل فون وٺڻ تي ميل استاد تي مرچن جو اسپري ڪري ڏنو. پرڏيهي ميڊيا موجب رياست نيش ول جي اسڪول ۾ شاگردياڻي ٽيچر تي 2 ڀيرا مرچن وارو اسپري ڪيو. ٽيچر ڪلاس ۾ موبائل فون استعمال ڪرڻ تي شاگردياڻي کان موبائل فون وڍي ڇڏيو جيڪا ڪلاس ۾ ڏنل ٽاس لاءِ موبائل استعمال ڪري رهي هئي ۽ سوالن جا جواب انٽرنيٽ تان ڳولي لکي رهي هئي. جڏهن استاد شاگردياڻيءَ جو موبائل وٺي ڪلاس کان ٻاهر نڪتو ته شاگردياڻي هن جي پويان آئي ۽ لاڳيتو فون واپسي جو مطالبو ڪري رهي هئي پر جيئن ئي ٽيچر هن ڏانهن منهن ڦيرايو ته شاگردياڻيءَ اسپري ڪري ڏني. شاگردياڻي طرفان اسپري ڪرڻ کانپوءِ استاد زمين تي ڪري پيو. سوشل ميڊيا تي ان واقعي جي وڊيو اڳيان اچڻ کانپوءِ واهپيدارن شاگردياڻي جي رويي تي ڪاوڙ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.