آفريڪي گليشيئر ويهن سالن ۾رجي ويندا

0
82
فضائي آلودگي جا ويم تي اثر

گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ مطابق 2040ع تائين آفريڪا کنڊ جا سمورا گليشيئر رجي ويندا.

 گرين هائوس گيس جي نيڪال ۾ آفريڪا جو حصو 4 سيڪڙو آهي. پر موسمياتي تبديلين سبب ان کنڊ تي ڳنڀير اثرن پوڻ جو خدشو آهي. گڏيل قومن مطابق 2040ع تائين آفريڪي کنڊ جا سمورا گليشيئر رجي سگھن ٿا.

گڏيل قومن جي نئين رپورٽ مطابق آفريڪا ۾ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ بي قاعده خطرن تي روشني وڌي وئي آهي.

اقوام متحده اڳ ۾ ئي خبردار ڪري چڪي آهي ته موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيڻ واريون حالتون اڃا به وڌيڪ ماڻھن کي کنڊ مان لڏپلاڻ تي مجبور ڪري سگھن ٿيون. نئين رپورٽ گلاسگو ۾ رٿيل سي او پي 26 گلاسگو سمٽ کان اڳ جاري ڪئي وئي آهي.

گذريل سال قدرتي آفتن جهڙوڪر سامونڊي طوفان 1.2 ملين ماڻھن کي بي گھر ڪيو هو.

                 آفريڪي يونين ڪميشن ۾ ٻهراڙين واري معاشيات ۽ زراعت جي ڪمشنر ليونل ڪورياساڪو جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ان صورتحال کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم نه کنيا ويا ته اندازو آهي ته 2030ع تائين تقريبن 118ڪروڙ ماڻھو تمام گھڻو متاثر ٿيندا. اهي ڏڪر، ٻوڏن ۽ خراب موسمن سبب پريشانين جي ور چڙھي ويندا.

اها رپورٽ گڏيل قومن ۽ عالمي موسمياتي اداري گڏيل طور تيار ڪئي آهي. رپورٽ مطابق سڀ کان غريب ماڻھو اهي آهن جيڪي روزانو 1.90 ڊالرن کان گھٽ ڪمائين ٿا.

سيڪو جو چوڻ آهي ته،“سب سهارا آفريڪا ۾ موسياتي تبديلين سبب 2050ع تائين في ڪس آمدني 3 سيڪڙو تائين گھٽجي سگھي ٿي.“

جيتوڻيڪ گرين هائوس گيسن جي نيڪال ۾ آفريڪا جو حصو 4 سيڪڙو کان گھٽ آهي.پر تڏهن به گھڻي وقت کان اها اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي ته اهو  ملڪ موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگھي ٿو. علائقي جا فصل اڳ ۾ سوڪهڙي جي ور چڙھيل آهن ۽ ان جا گھڻا شهر ساحل تي واقع آهن. ان کانسواءِ ان جي گھڻي آبادي وڏي پيماني تي غربت جو شڪار آهي.

ڊبليو ايم او جي سيڪريٽري جنرل پيٽيري ٽالس جو چوڻ آهي ته،“گذريل سال آفريڪا ۾ به گرمي پد ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. جنهن ڪري سمنڊ جي سطح ۾ تيزي سان اضافو، ٻوڏ، لينڊ سلائڊنگ ۽ سوڪهڙي جهڙا موسمي واقعا پيش ايندا رهيا آهن. اهي سڀئي شيون موسمياتي تبديلين جا اهڃاڻ آهن.“

رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن موجوده شرح تي تبديلي جاري رهي ته آفريڪا جا ٽيئي گليشيئر 2040ع تائين رجي ويندا. ٽلاس جو چوڻ آهي ته،“اوڀر آفريڪا ۾ آخري باقي ٽن گليشيئرن جو سسڻ جيڪو مستقبل ۾ مڪمل طور پگھرڻ جو خدشو آهي زمين جي نظام ۾ فوري ۽ ناقابل واپسي تبديلين جي خطري جي نشاندهي ڪري ٿو.“

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال آفريڪا جي زمين ۽ پاڻي ٻئي عالمي اوسط کان وڌيڪ تيزي سان گرم ٿيا آهن. رپورٽ ۾ چيو  ويو آهي ته،“جيڪڏهن اهو لاڙو جاري رهيو ته 2040ع تائين واري ڏهاڪي تائين گليشيئر پوري طرح سان غائب ٿي ويندا.“

رپورٽ مطابق خاص ڪر ي مائونٽ ڪينيا جي هڪ ڏهاڪي اڳ رجڻ جو خطرو آهي. رپورٽ مطابق،“جيڪڏهن اهو سانحو پيش اچي ٿو ته اهو انساني سرگرمين سبب مڪمل طرح سان مڪمل طور ختم ٿيڻ وارا پهريان گليشيئر هوندا.“