سکر جون مڪاني چونڊون ۽ سرگرم سياسي خاندان

0
105
مھانگائيءَ جي ٻوڏ ۾ لڙھندڙ عوام ۽ تماشو ڏسندڙ حڪمران

 مڪاني چونڊن ۾ سکر ضلعي اندر ڪامياب اميدوارن جا مڪمل طور تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامھون اچي ويا آھن، جن مطابق ضلعي اندر مجموعي طور تي 451 سيٽن مان 333 تي پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آھي، جڏھن ته جي يو آءِ 37، جي ڊي اي 24،  تحريڪ انصاف 21، ايم ڪيو ايم 2 ۽ جماعت اسلامي جي ھڪ اميدوار ڪامياب ماڻي آھي، جڏھن ته تحريڪ انصاف، جي ڊي اي کان به وڌيڪ آزاد اميدوارن  33 سيٽون کڻي ٻئي نمبر تي سيٽون حاصل ڪيون آھن، مجموعي طور تي 118 سيٽون پ پ مخالف جماعتن ۽ آزاد اميدوارن حاصل ڪيون آھن. ضلعي اندر چيئرمين، وائيس چيئرمين جي 73 سيٽن تي 59 تي پ پ ڪاميابي ماڻي آھي، جڏھن ته آزاد اميدوارن 5، جي ڊي اي 4، تحريڪ انصاف 3 چيئرمين جي سيٽن تي سوڀ حاصل ڪئي آھي. ايم ڪيو ايم ضلعي اندر هڪ به چيئرمين وائيس چيئرمين جي سيٽ حاصل ناھي ڪري سگھي. ساڳي طرح سکر، روھڙي، پنوعاقل، صالح پٽ، ڪنڌرا، باگڙجي سميت ضلعي اندر ضلعي ڪائونسل ميمبر  جي 42 سيٽن مان پ پ 33 سيٽون کڻي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آھي، جڏھن ته  جي ڊي اي 3، آزاد 3، تحريڪ انصاف ۽ جي يو آءِ هڪ هڪ سيٽ حاصل ڪئي، يونين ڪائونسل پنهوار تي جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۽ ھڪ ڄڻي جي قتل سبب نتيجو رڪيل آهي، ايم ڪيو ايم ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي به سيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رھي آھي. اھڙي طرح ضلعي ۾ جنرل ميمبر جي 341 سيٽن مان پ پ 241 سيٽون کڻي اڪثريت سان ڪامياب رھي، تحريڪ انصاف 22، جي يو آءِ 37، جي ڊي اي 24، ايم ڪيو ايم 2 ۽ آزاد اميدوارن 33 سيٽون حاصل ڪيون، جڏھن ته جنرل ميمبر (ڪائونسلر) جي چئن سيٽن تي نتيجو رڪيل آهي.

سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽن سيٽن تي تحريڪ انصاف ۽ ٻن سيٽن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي، چئن سيٽن تي پ پ اميدوارن مخالف اميدوارن جي ڪاميابيءَ تي رٽرننگ آفيسرز وٽ ٻيھر ڳڻپ لاءِ درخواستون ڏنيون، جن مان ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽائون ڪاميٽي جئي شاھه جي يونين ڪاميٽي 10 گوليمار تان تحريڪ انصاف جا 264 ووٽ غائب ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ووٽ گم ھجڻ سبب 72 ووٽن تان ڪامياب تحريڪ انصاف جي اميدوارن ياسين مھر ۽ دعوا خان کي پ پ اميدوار شفيق احمد پيرزادو ۽ محمد ايوب خان ھٿان شڪست قرار ڏني وئي آھي، جڏھن ته ووٽن جي گم ٿيڻ متعلق پرزائيڊنگ آفيسر توڙي رٽرننگ آفيسر ھڪ ٻئي مٿان الزام لڳائڻ وارو عمل شروع ٿي ويو آھي. رٽرننگ آفيسر محمد مقيم راجپوت موجب ھن پولنگ، عملي سان گڏ ڳڻپ سميت سمورو عمل مڪمل ٿيڻ بعد سامان رٽرننگ آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر ماجد ماڪو حوالي ڪيو ھو، ٻيھر ڳڻپ واري ڏينھن منھنجي پھچڻ کان اڳ ووٽن وارو ٿيلھو کليل ھو، قائدن موجب منھنجي پھچڻ کان اڳ اُھو ٿيلھو کولڻو ئي نه ھو، بعد ۾ مون کي ٻڌايو ويو ته اُتان 264 ووٽ غائب آھن ۽ آر او کيس حراسان ڪري رھيو آھي ته لکت ۾ ڏي اھي ووٽ توھان کان گم ٿيا آھن،

مون سموري عملي سميت ووٽن وارو ٿيلھو ۽ سامان جمع ڪرايو ته اُن کان پوءِ ذميواري رٽرننگ آفيسر جي ٿيندي ته اُتان ڪيئن گم ٿيا؟ بلاجواز کيس پريشان ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته رٽرننگ آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر ماجد ماڪو موجب پرزائيڊنگ آفيسر جي موجودگي ۾ ٻيھر ڳڻپ ٿي آھي، پرزائيڊنگ آفيسر پاڻ سامان گم ھجڻ جو پاڻ اعتراف ڪيو آھي، مون صرف بيان لکت ۾ ڏيڻ  لاءِ گھرايو آھي. ھوڏانھن سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جي صدر پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو جو چوڻ آھي ته اسان جي سينيئر استاد مقيم راجپوت جنھن اليڪشن ۾ پرزائيڊنگ آفيسر طور ڊيوٽي سرانجام ڏني اُن کي رٽرننگ آفيسر ماجد ماڪو گذريل ٻن ڏينھن کان آفيس گھرائي حراسان ڪري رھيو آھي ته ووٽن جي گم ٿيڻ متعلق ھو اعتراف ڪري. جيتوڻيڪ چونڊ وارو مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سمورو رڪارڊ ۽ سامان ٻئي عملي سان گڏ پرزائيڊنگ آفيسر آر او وٽ جمع ڪرائي آيو. اِن کان پوءِ جيڪڏھن ووٽ گم ٿين ٿا، يا ڪو سامان گم آھي ته اُن جو ذميوار رٽرننگ آفيسر آھي. جيڪڏھن استادن کي ايئن بيگناھه حراسان ڪيو ويو ته ھو ايندڙ اليڪشن ۾ ڪنھن به صورت ۾ حصو نه وٺندا.

جڏهن ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽائون ڪاميٽي جيئي شاهه جي يونين ڪاميٽي 2 تان غير حتمي  ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ڪامياب قرار ڏنل آزاد اميدوار امير بخش عرف مير مهر کي ٻيهر ڳڻپ دوران هارايل پ پ اميدوارن هٿان شڪست ملي آهي. غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ چيئرمين جي اميدوار عبدالله منگي ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار فرحان شاهه 1683 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا آهن جڏهن ته آزاد اميدوار امير بخش عرف مير مهر 1654 ووٽ کڻي هارائي ويو. ان کان اڳ جاري نتيجن موجب مير مهر کي 21 ووٽن تان ڪامياب قرار ڏنو ويو هو ۽ هينئر مير مهر کي 29 ووٽن تان شڪست ملي آهي. مير مهر ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن دعويٰ خان ۽ ياسين مهر جي ڪاميابي بعد ٻيهر ڳڻپ سکر ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي، ڪي ماڻهو پ پ جي ڪاميابي تي خوش آهن ته ڪي وري ڌانڌلي تحت نتيجا تبديل ڪرڻ متعلق ڳالهيون ڪري رهيا آهن. تحريڪ انصاف جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مبين جتوئي، جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا محمد صالح انڍڙ موجب ھڪ ته سنڌ جي 14 ضلعن اندر آر اوز، اي آروز توڙي پوليس معرفت وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي آھي، اميدوارن کي اليڪشن واري مرحلي مان ھٿ کڻڻ لاءِ مختلف طريقن سان حراسان ڪيو ويو، اِن باوجود اليڪشن ۾ حصو وٺي ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن کي ٻيھر ڌانڌلي ڪري ھارائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، افسوس جو اِن سموري معامرن متعلق اليڪشن ڪميشن کي آگاھه ڪيو ويو آھي پر اليڪشن ڪميشن خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري پئي جنھن مان اِھو واضح آھي ته اليڪشن ڪميشن به پ پ جي ڌر وارو ڪردار ادا ڪيو آھي، تنھن ڪري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بلدياتي اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌليءَ جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي عوام جو مينڊيٽ چورائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري.

سکر ميونسپل ڪارپوريشن  جي ميئر لاءِ ارسلان اسلام شيخ ۽ ڊپٽي ميئر جي لاءِ طارق حسين چوھاڻ مضبوط اميدوار آھن، ٻئي اميدوار گذريل بلدياتي چونڊن ۾ به ڪاميابي ماڻڻ کان پوءِ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي عھدي تي رھي چڪا آھن. جڏھن ته ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ اڳوڻو ايم پي اي جاويد حسين شاھه مضبوط اميدوار سمجھيو پيو وڃي. جڏھن ته ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه جو فرزند ڪميل حيدر شاھه به سرگرم آھي. بلدياتي اليڪشن ۾ ڪامياب سيد خورشيد شاھه جو فرزند سيد زيرڪ شاھ ٽائون ڪاميٽي نثار احمد صديقيءَ جي چيئرمين جو اميدوار آھي. اھڙي طرح سکر جي ٽن اھم سياسي شخصيتن جي ھائوسن طرفان پڻ ضلعي جي ٻن ميونسپل ڪاميٽين ۽ ڇھن ٽائون ڪاميٽين تي پنھنجا من پسند چيئرمين آڻڻ لاءِ ڪوششون توڙي اميدوارن طرفان اھم عھدا حاصل ڪرڻ لاءِ ھائوسن جا چڪر ڪاٽڻ وارو سلسلو تيز آھي. جيڪڏھن سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئرشپ جي ڳالهه ڪجي ته ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر شپ ھڪ خاندان کان ٻاھر ڪنھن کي به ناھي ملي !!  پ پ اڳواڻ اسلام الدين شيخ ٻه ڀيرا ميئر شپ جي عھدي تي رھي چڪو آھي، جنھن بعد سندس ڀاءٌ توڙي ھاڻي پٽ ارسلان اسلام شيخ ميئر رھي چڪا آھن، ھن ڀيري به ميئر شپ جو مضبوط اميدوار ارسلان اسلام شيخ ئي آھي.

ڪاميابي بعد هارايل اميدوارن توڙي مختلف جماعتن طرفان اليڪشن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاجي مظاهرن ڌرڻن وارو سلسلو جاري آهي جي يو آءِ سميت مخالف جماعتن طرفان عدالت وڃڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.