پنھنجن جي ديس ۾ مخالفن جي ڪاميابي

0
170
وحشي ۽ دردناڪ بڻجي ويل سماج

  بلدياتي اليڪشن جو ماحول وڃي خيريت سان پنھنجي پڄاڻيءَ تي پهتو پر ھن دفعي بلدياتي اليڪشن ۾ وڏا دلچسپ مقابلا ڏسڻ ۾ آيا جنھن ۾ خاص ڪري پنھنجن جي ديس ۾ مخالف پارٽين جي ڪاميابي جا ڪافي مثال سامھون نظر آيا آهن جنھن ۾ شروعات گھوٽڪي کان ڪجي ته پيپلز پارٽي جي صوبائي توڙي قومي اسيمبليءَ ميمبر مھر برادري جا سردار ھجڻ سان گڏ سينيٽر مھتاب ڏھر جي ھجڻ باوجود ڪافي جڳھن تي پيپلز پارٽي کي شڪست ملي وئي آهي. جيڪب آباد ضلعي ۾ جتي پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ھوندي پڻ ان جي حلقي مان پيپلز پارٽي ڪافي يونين ڪاؤنسلن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. لاڙڪاڻي ۾ وڏا وڏا سياسي بت عوامي اتحاد ھجڻ باوجود اڪثر سيٽن تي پڻ پيپلز پارٽي کي سوڀ ملي آهي. خير پور ۾ ھميشھ اليڪشن ۾ ڪانٽي دار مقابلو ٿيندو رهيو آهي ھن دفعي پڻ ساڳي صورتحال ھجڻ باوجود پيپلز پارٽي ماضيءَ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، خاص ڪري گمبٽ جي ٽائون ڪميٽي چيئرمين شپ جيڪا ھميشھ جي ڊي اي حاصل ڪندي ھئي ھن دفعي پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪوٽڏيجي نارو پير جو ڳوٺ ٽائون ڪميٽي تي ھميشھ جي ڊي اي ڪاميابي حاصل ڪندي ھئي ھن دفعي به ساڳي طرح جي ڊي اي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ھن دفعي بلدياتي اليڪشن ۾ وڏو اپ سيٽ نظر آيو آهي ٺارو شاھه ٽائون ڪميٽي جتي ھميشھ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿيندي ھئي پر ھن دفعي اتي آزاد اميدوارن ميدان ماريو آهي وڏي ڳالھه ته سڄي سنڌ ۾ ھي پھرين ٽائون ڪميٽي آهي جتي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. نوشھرو فيروز جي تعلقي محرابپور جي ٽائون چيئرمين شپ تي ھميشھ نيشنل پيپلز پارٽي جي ڊي اي ڪامياب ٿيندا هئا پر ھن دفعي پيپلز پارٽي اھا ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. ضلعو نواب شاھه جيڪو مالڪن جو اباڻو ضلعو آهي جتي ھميشھ پيپلز پارٽي 99 فيصد ڪلين سوئيپ ڪندي ھئي پر ھن دفعي ضلعي جي ٻن يونين ڪاؤنسل سميت مختلف وارڊن تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سان گڏ ڪافي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن جيڪو پيپلز پارٽي جي لاءِ ڪجھه وڏو سبق آهي ڪا به قومپرست پارٽي سڄي زندگي يونين ڪاؤنسل يا ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي آهي پر ھن دفعي پيپلز پارٽي جي ڳڙھه سڪرنڊ ۾ يونين ڪاؤنسل مجيد ڪيريو جي چيئرمين شپ ضلعي ڪائونسل سميت ٻن وارڊن تي ھڪ قومپرست جماعت ڪاميابي حاصل ڪري فخر سان چئي سگھي ٿي ته اسان يونين ڪاؤنسل کٽڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون.

خير زين شاھه جي ڏھن سالن جي سياسي سرگرمين ۾ ھن دفعي ڪجھه وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ان کان علاوه قاضي احمد جي يونين ڪاؤنسل احمد ٻگھيو جي چيئرمين شپ سميت ٻن وارڊن تي پڻ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. نواب شاھه ضلعي جي 59 يونين ڪاؤنسل مان 57 تي پيپلز پارٽي ڪلين سوئيپ ڪيو آهي. ٻن يونين ڪاؤنسل تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ياد رهي ته يونين ڪاؤنسل احمد ٻگھيو جي چيئرمين شپ جو فيصلو پيپلز پارٽي جي اميدوار طرفان اليڪشن ڪميشن وٽ چئلينج ڪيو ويو آهي امڪان آهن ته متان اھا يونين ڪاؤنسل ھڪ دفعو وري پيپلز پارٽي کي واپس ملي وڃي. سانگھڙ ضلعو جيڪو ڪجھه سالن کان پيپلز پارٽي جو ڳڙھه بڻجي چڪو آهي ھن دفعي به سڄي ضلعي ۾ پيپلز پارٽي کي واضح برتري حاصل ٿي آهي. ميرپورخاص شھر جي ٽائون ڪميٽي چيئرمين شپ تي ھميشھ ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪندي ھئي ھن دفعي پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ان کان علاوه ڪافي شھرن جي ٽائون ڪميٽي ميونسپل ڪميٽين تي پڻ پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. حقيقت ۾ پنھنجن جي ديس ۾ مخالفن جي ڪاميابي عام اليڪشن کان اڳ خطري جي گهنٽي آهي، جيڪڏهن ھر پارٽي پنھنجن غلط فيصلن تي نظرثاني نه ڪئي ته ايندڙ عام اليڪشن ۾ صوبائي توڙي قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تان ھٿ ڌوئي ويھي سگھن ٿا. بلدياتي اليڪشن جا ڇرڪائيندڙ نتيجا ايندڙ اليڪشن جي نتيجن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. ان ڪري ھر پارٽي کي پنھنجي پنھنجي شھر گھرن ۾ نظر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جيئن مستقبل جي عام اليڪشن ۾ ڪنھن صوبائي توڙي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ ھارائي نه ويھن. ان ڪري ھن دفعي بلدياتي اليڪشن ھر پارٽي لاءِ آئينو آهن جيڪڏھن مستقبل ۾ عوام جي خدمت نه ڪئي وئي ته عام اليڪشن ۾ ڪجھه مختلف نتيجا اچي سگهن ٿا.

[email protected]