ڏسون ته ڊاڪٽرگهنشامداس کي ڪير ٿو پرچائي؟

0
114
تعليم ۽ صحت جي شعبن کي بنھه برباد ڪرڻ جا سانباها

  ڇويهه  جون تي سنڌ ۾  مڪاني حڪومتن لاءِ چوڏهن ضلعن ۾  ٿيل چونڊن دوران خونريز جهيڙن، بد امني ۽ انتخابي عمل  دؤران ٿيل زيادتين توڙي سڀني مخالف جماعتن ۽ ميڊيا طرفان ڌانڌلي جي واويلا سبب اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ جي جمهوري حڪومت بابت انتهائي برو تاثر اڀريو آھي. پيپلز پارٽي موجوده سڄي سسٽم ۾ جيڪو قائدانه ڪردار ادا ڪندي ملڪ ۾ خالص جمهوريت جو نعرو کڻي مرڪزي اسٽيج تي موجود آھي، ان لاءِ ڪو غير جمهوري عمل ته پري رهيو پر خالي برو تاثر به ڏاڍو هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. اها حقيقت به پنهنجي جاءِ تي آھي ته ايم ڪيو ايم جو اهو مطالبو ته ميرپورخاص، سکر ۽ نوابشاھه ۾ سندن روايتي سيٽون کين ملڻ گھرجن جهڙا مطالبا  صرف بليڪ ميلنگ جوآزمايل حربو آھن يا سسندڙ حمايت وارين حالتن ۾ سيٽون گفٽ ڪرڻ جي گّهرآھي ڇاڪاڻ ته کين احساس آھي ته شھباز حڪومت سندن ستن ووٽن جي محتاج آھي ان ڪري هنن جا انگل اکين تي رکيا ويندا. بهرحال سنڌ جي حڪمران ڌر به شھيد ڀٽي واري 1977ع جي چونڊن ۾ بي لذت گناھه مترادف واٺن جي ڪرايل مبينه ڌانڌيلن واري غلطين کي دهرائڻ کان پاسو ڪري. اڄ جي هن ڪالم ۾  ڌانڌلين جي دانهن سياستدانن لاءِ ڇڏي پاڻ ان مظلوم مخلوق جو ذڪر ٿا ڪريون جنهن کي “چونڊ عملو” سڏيو ويندو آھي.

چونڊون قومي ذميواري آھي ۽ اليڪشن ڪميشن عدليه وانگر آئيني ادارو آھي جنهن کي پنهنجي فرضن جي پورائي لاءِ مدد فراهم ڪرڻ سڀني رياستي ادارن جو فرض آھي. ايڏي وڏي ايڪسرسائيز کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ۽ ذلت سهڻ جو بار تعليم، صحت ۽ ٻين کاتن جي ننڍن وڏن ملازمن سان گڏ پوليس يا ڪجھه ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي برداشت ڪرڻو هوندو آھي. پولنگ جي عملي  توڙي ان طرح جي ڏکين ڪمن لاءِ وڌ ۾ وڌ  وزن سڌي ڪاٺي يعني استادن تي اچي ڪڙڪندو آھي. اڪثر چونڊون ڪرائڻ لاءِ مفروضي تي مبني غيرجانبدار  اداري عدليه جو انتخاب ٿيندو رهيو آھي يا وري ضلعي انتظاميه جي مختيارڪارن،اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ويچارن تپيدارن تي بار پوندو رهيو آھي، ڪردارن جي ان طرح جي تبديلي سان پولنگ عملي جي خواري کڻڻ واري آزمائش تي ڪو به اثر نه پوندو آھي. عدليه جي ڪردار هجڻ جي صورت ۾ مورڳو وڌيڪ گهٽتائي جو احساس ٿيڻ لڳندو آھي ڇاڪاڻ ته جج حضرات جو سڄو وقت ملزم، پوليس، وڪيل ۽ قرآني ڪوڙن شاهدن کان جراح ڪندي گذريو هوندو آھي ۽ هو ذھني طور تي 24 ڪلاڪ جج وانگر پيش اچڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آھن ان ڪري پولنگ عملو ته لهرائيندو ئي آھي پر جج به “ڏوهاري” سان مخاطب ٿيڻ جي موڊ ۾ ھوندو آھي. روينيو عملو ان صورت ۾  اوترو ئي مصروف به هوندو آھي ته بونس ۾ اضافي شنوائيون به ڀوڳيندو رهندو آھي.

ھاڻي اچون ٿا اصل موضوع يعني پولنگ عملي (جيڪي اڪثر ڪاليجن ۽ اسڪولن جا استاد هوندا آھن) جي اذيت، آزمائش ۽ وک وک تي ساھه مٺ ۾ ڪري رڳو پنهنجي عزتِ نفس بچائڻ جي ناڪام جدوجهد تي،  جيڪا ڪڏهن ڪامياب ٿي نه سگهي آھي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن ۽ ضلعي انتظاميه شروع کان ئي ان سرگرمي کي هڪ جهڙي ناڪاره طرز تي قائم ڪري ان کي سڌارڻ جي ڪڏهن نيت به نه ڪئي آھي، ٿيندو ايئن آھي ته سڀ کان پهريائين سرڪاري کاتن کان ملازمن جون لسٽون گهرايون وينديون آھن. زورآور ادارا پنهنجي ملازمن جا نالا يا ته موڪليندا ناهن يا وري ڪاٽ ڪوٽ ڪري رڳو جيڪي الله جا ماڻھو هوندا آھن انهن کي اڳتي ڪري ڇڏيندا آھن پر تعليم کاتي جي مجال آھي جو ڪو ننڍي يا وڏي گريڊ جو “ماستر”بچي وڃي. مون کي ياد آھي ته 2013ع  واريون چونڊون جيڪي 11 مئي تي ٿيون هيون انهن جي لاءِ نالا وڃي چڪا هئا ۽ نالي ماتر ٽريننگ جو سلسلو مارچ ۾ شروع ٿيڻو ھو. منهنجي 17 سالن جي ننڍي پٽ جي داخلا صوابي ڪي پي  جي GIK  انسٽيٽيوٽ  ۾ ٿي هجي ۽ مون کي فيبروري جي آخري تاريخن ۾ ساڻس بسترو ۽ بيگ وغيره کڻائي سونهون ٿي انسٽيٽيوٽ تائين وڃڻو به هو ته تعارفي تقريب جي پروگرام ۾ شريڪ به ٿيڻوهو.

سينئر گريڊ جو ڪاليج استاد هجڻ سان گڏ سپلا جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل به هيس. اسان اهڙين قومي ذميوارين جي پورائي لاءِ هميشه اليڪشن اٿارٽيز سان اسٽاف جي کوٽ کي منهن ڏيڻ خاطر تنظيمي حيثيت مطابق تعاون به ڪندا رهندا هئاسين. ريٽرننگ آفيسر، ڊسٽرڪٽ  ڪورٽس جو ھڪ معزز جج صاحب هو ۽ عدالت جي ئي هڪ ملازم جيڪو منهنجو شاگرد هو،ان کي ساڻ ڪري ريٽرننگ آفيسر وٽ عرض کڻي پهتس ته مون کي ڊيوٽي کان مهلت ملي ۽ کوٽ ٽوٽ جي صورت ۾ پڪ ڏياريم ته ماڻھو مهيا ڪرڻ منهنجي ذميواري هوندي اهو ساڳيو صاحب جنهن شروع ۾ چانهن پياري خوش خير عافيت ڪري ٿوري دير پهريائين آڌر ڀاءَ پئي ڪئي سو صفا پاڻي مان نڪري ويو ۽ “ماستر ذات” تي ڏمرجي استادن لاءِ نامناسب ريمارڪس ڏنائين. برداشت ڪرڻ ڏکيو هو، عرض ڪيم ته منهنجي آڙ ۾ سڄي استادي پيشي کي بدنام نه ڪريو مون بس ڪئي، چيائين ته مون کي جج ٿيڻ تي مجبور نه ڪر!؟ مون چيو ته سائين ٿيندؤ ڇا توهان جج ته آھيو. ان ڪري توهان جج وارو ڪم ڪريو ۽ مون کي مجبوري ۾ پيءُ وارو ڪم ڪرڻو پوندو. پوءِ اهو ئي ٿيو. آئون  GIK هليو ويس ۽ مون تي هڪ سول جج وٽ ڪيس داخل ڪرايو ويو جنهن مان حسب دستور عدالت سڳوري کان معافي وٺي جان ڇڏائڻي پئي. اهڙي ڏهڪاءَ واري حالت ۾ اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ سڄي عملي، فورس ۽ بيگر تي قيدي بنايل ٽرانسپورٽرس کي صبح جو سوير گهڻو ڪري اس يا سيءَ ۾ کلئي آسمان هيٺان بيهاري واري جو انتظار ڪرايو ويندو آھي.

ناڪاره سائونڊ سسٽم تي بالٽي لائوڊ اسپيڪر جي پبلڪ ايڊريس سسٽم ذريعي روينيو يا عدليه جو ڪلريڪل لڏو سڄو ڏينهن غير مهذب انداز ۾ عدالتي نقيب وانگر رکن نالن سان پڪاري ڄڻ ته چئي رهيو هوندو آھي ته“ جوابدار صديق انڙ ۽ سندس شاهد حاضر ٿين.” فرض ڪجي ته ڪنهن به سببان پورو عملو نه پهتو هجي ته ويچاري پريزائيڊنگ آفيسر کي حڪم ٿيندو ته پهريائين عملو پورو ڪري بعد ۾ اچجان. ان طرح جو وهنوار هلندي واري واري تي هڪ ڏينهن جي So called  مئجسٽريٽس ( هڪ رينجرس اهلڪار جي سربراهي ۾ فورس مهيا ڪرڻ سان ئي هي عارضي مئجسٽريٽ ڪيس هلائي سزا تي عمل ڪرائي سگهي ٿو) جي پبلڪ ايڊريس سسٽم تي ٿيندڙ بيعزتي  به لائيو نشر ٿي رهي هوندي آھي. سڄو سڄو ڏينهن به لڳي ويندو آھي. نا اهلي سرس هوندي ته رات جو پويون پهر به ٿيندو رهيو آھي. 17 کان 20 گريڊ جي ملازمن جي ان عملي کي اٺ کان ٻارهن بيلٽ باڪس، بيلٽ پيپر ۽ باقي سامان جا ٿيلها ڪلهي تي کڻائي قلين وارو ڪم به ورتو ويندوآھي. تنهن بعد پنجن ڇهن پولنگن جو عملو هڪ ئي بس ۾ حد جي تپيدار حوالي ٿيندو جيڪو رلائي رلائي ٻڪرين جي ڌڻ وانگر مقرر اسٽيشن جي واڙي تي اچي ڇڏيندو آھي.

عملي کي سڀني بوٿن جي تياري سميت مذاق بنيل ووٽ جي رازداري لاءِ عورتن ۽ مردن لاءِ ڌار ڌار انتظام ڪرڻ تائين سڄي ڏينهن جي بک جي باوجود ماني ياد به ڪونه هوندي آھي. ڳوٺ ۾ هر طرح جي ڏکيائي کان وڌيڪ آزار علائقي جي وڏيرن جي واٺن ۽ شھپريل  مڙسالن سان منهن ڏيڻ جو هوندو آھي جيڪي نتيجن جي ايڊوانس بڪنگ جا خواهشمند ھوندي به ڳالهھ “صاحب” جو چھرو پڙھي پوءِ ڪندا آھن. سڄو ڏينهن جهيڙن ڦڏن ۽ خاص ڪري زنانا فيصلا ڪري جيڪڏهن پادر لڳڻ کان به بچيا ۽ جان به سلامت رهي ته ان ساڳي  بس جو انتظار ڪرڻو پوندو جيڪا در در هر پولنگ کان پنندي الائي ڪهڙي ٽائيم تي واپس پهچائيندي. ٿي سگهي ٿو شھرن جي ويجهين پولنگ اسٽيشنس لاءِ ٽرانسپورٽ جا انتظام ڪجھه گھٽ ٿڪائيندڙ ھجن. واپسي تي اليڪشن مٽيريل هڪ هنڌ ۽ رزلٽ توڙي حساس مٽيريل ريٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ورندڙ سڄي رات به لڳي ويندي آھي. ان دؤران موصوف ڪٿي ناراض ٿيو ته پيپلز  ريپريسنٽيٽوِ ايڪٽ جي تعزيري شقن تحت ڪيس به داخل ٿي ويندو آھي ۽ سالن تائين لوڙائي پوءِ عدالت سڳوري ڪنهن نه ڪنهن جي مهرباني سان انصاف جو فيصلو ڪري ڇڏيندي آھي.  اها ته صرف خير جي خبر هئي، پر ڀاڳ اهڙا نه هجن ته پوءِ  ڇا ٿي سگهي ٿو؟( ذاتي مشاهدو)

جهيڙن فسادن،گولين هلڻ کان دهشتگردي ۽ اغوا جهڙا واقعا هنن مڪاني چونڊن ۾ به ٿيا ته ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ووٽرن کان وڌيڪ وڳوڙين جي تعداد واري ننڍي چونڊ دؤران پڻ پيش آيا. ٻن ڏينهن جي گرم گرم بيانن کان پوءِ ڇا ٿيو؟ خبر ڪانهي. سکر جي ريٽرننگ آفيسر ماجد ماڪا طرفان پريزائڊنگ آفيسر پروفيسر مقيم راجپوت سان جمع ڪرايل بيگ مان ووٽن جي غائب ٿيڻ واري شاخساني به مڪاني چونڊن ۾ اڌورا انتظام ڪرڻ يا نتيجن ۾ ھيرا ڦيري جا شڪ پيدا ٿيڻ سان گڏ هن سسٽم ۾ پولنگ عملي جي قابل رحم حالت بابت پت وائکي ڪري ڇڏي آھي، پر هن دفعي مڪاني چونڊن ۾ جن بي ضابطگين جو ذڪر ميڊيا ۾ اچي چڪو آھي ان کان به ڪريل حرڪتون پولنگ عملي کي برداشت ڪرڻيون پيون آھن. ڌاڙيلن هڪ پولنگ جي سڄي عملي کي سامان سوڌو اغوا ڪيو.  اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي اها ڪارروائي ڪريل ھوندي به  نئين ڳالھه ڪانهي پر ٿرپارڪر جي اسلام ڪوٽ واري علائقي ۾ ھڪ وڏيري جي وانٺي ۽ ٽيڏي ٽوپي واري صحت کاتي جي هڪ ننڍي ملازم پر “وڏي ماڻھو” جيڪو وڏيرو سڏائي ٿو، ان  پريزائيڊنگ آفيسر ڊاڪٽر گهنشامداس کي گار گند ڪري ٿپڙ ھنئي جيڪا وائرل ٿيل ويڊيو ڏسڻ کان پوءِ سڄي سنڌ پنهنجي ڳلن تي نقش ٿيل چنبي وارين بدتميز آڱرين جا نشان آئيني ۾ ڏسي رهي آھي.

سرڪاري ملازم ۽ خاص ڪري سنڌ جو استاد ۽ ڊاڪٽر سڪتي ۾ اچي سوچي پيو ته 24  جولائي تي وري جمهوريت جو ڊرامو اسٽيج ٿيندو جنهن جا هيروز هن “وڏيري” جا ڀوتار هوندا ۽  villian وري “ ڄام” جا همزاد هوندا ته هاڻي وري هي گگدام مخلوق،ماسترڙا ۽ ڊاڪٽرڙا ڪنهن جي در دانهيندا !؟ اليڪشن ڪرائڻ ڪميشن جي ذميواري  آھي پر جهڙي طرح ھي هڪ ڏينهن جا مئجسٽريٽ يعني پريزائيڊنگ آفيسر حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙن ادارن جي مناسب سهڪار کان سواءِ مارون کايو منهن لڪلائيندا وتن تيئن اليڪشن ڪميشن وٽ به ڪا ذاتي فورس ته ڪانهي. ان ڪري بلال ڀٽو زرداري جيڪو پارٽي چيئرمين به آھي ۽ موجوده حالتن ۾ پنهنجي جماعت لاءِ وڏا وڏا خواب سجايو وتي، ان کي ۽ وزير اعليٰ سنڌ کي اڳتي وڌي سخت قدم کڻڻ گھرجن. ڪيس جو نوٽيس به ورتو ويو آھي ۽ شايد ڪيس داخل به ڪيو ويو آھي پر انهي “گورنر جنرل غلام محمد” بڻيل شخص کي جوڳي قانوني سزا ملڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن بدمعاش کي وري سڌ نه ٿئي. ڊاڪٽر ۽ استاد ويچارا سرڪاري نوڪر آھن پر اهي ڪارستانيون خود حڪومت ۽ پارٽي لاءِ بد نامي جوداغ آھن. ڏسون ته ڊاڪٽر گهنشامداس کي ڪير ٿو پرچائي؟ نه ته سڄي سنڌ رٺي ويٺي آھي الائي نه پر استاد ۽ ڊاڪٽر برادري باھه ٿي ويٺي آھي.

[email protected]