توهينِ رسالت جو بيان ڏيندڙ بي جي پي اڳواڻ نوپور شرما جي شامت اچي وئي

0
363
نوپور شرما جي شامت اچي وئي
توهينِ رسالت جو بيان ڏيندڙ بي جي پي اڳواڻ نوپور شرما جي شامت اچي وئي

ڀارتي سپريم ڪورٽ توهينِ رسالت جو بيان ڏيندڙ بي جي پي اڳواڻ نوپور شرما تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ڀارت ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ذميوار نوپور شرما آهي، کيس قوم کان معافي وٺڻ گهرجي

ڀارتي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس سوريا ڪانت چيو ته نوپور شرما پنهنجي بيان سان ماڻهن جي دل آزاري ڪئي، ملڪ ۾ هن وقت جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جي ذميوار رڳو نوپور شرما ئي آهي

عدالت چيو ته نوپور شرما جو تڪراري بيان ۽ ان کانپوءِ اختيار ڪيل موقف انتهائي شرمناڪ آهي

 نوپور شرما کي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي باري ۾ گستاخيءَ وارو بيان ڏيڻ تان بي جي پي ترجمان واري عهدي تان هٽايو ويو هو

ڀارت جي مختلف عدالتن ۾ سندس خلاف ڪيس به داخل ڪرايا ويا آهن