لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪوچ ۽ اڳوڻو ڪپتان مصباح الحق مڪي آرٿر کي پي سي بي پاران ٻيهر ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ تي مڇرجي پيو آهي. هڪ بيان ۾ مصباح الحق چيو ته آرٿر کي ٻيهر ڪوچ بڻائڻ پاڪستاني ڪرڪيٽ جي منهن تي موچڙو آهي. ڪرڪ انفو کي ڏنل انٽرويو ۾ اڳوني ڪپتان ۽ ڪوچ مصباح الحق  چيو ته اسين هڪ هاءِ پروفائل فل ٽائيم ڪوچ جي ڳولا ڪرڻ جي به لائق ناهيون. مصباح الحق اڳوڻن ڪرڪيٽرن تي الزام هنيو ته انهن نظام جي ساک کي نقصان پهچايو ۽ پي سي بي کي ڪوچنگ جي ڪردارن لاءِ ملڪ جي ڌرتي کان ڏور ڏسڻ تي مجبور ڪيو. شرم جي ڳالهه آهي جو بهترين ماڻهو توهان لاءِ اچڻ نٿا چاهين، توهان ڪنهن اهڙي شخص کي آڻڻ چاهي رهيا اهيو جيڪو اسان جي ڪرڪيٽ کي ٻئي آپشن طور ڏسي رهيو هجي. واضح رهي ته هن کان اڳ هڪ ڀيرو پي سي بي مڪي آرٿر کي ٻيهر ڪوچ بڻائڻ جي آڇ ڪئي هئي پر آرٿر اها آڇ رد ڪري ڇڏي هئي.