لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوني آل رائونڊر ياسر عرفات کي مڪي آرٿر جي غير موجودگي ۾ وقتي هيڊ ڪوچ جون ذميواريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب مڪي آرٿر سان مشارت کان پوءِ اهو طئي ڪيو ويو ته هو جڏهن قومي ٽيم کي ميسر نه هوندو ته ان وقت ياسر عرفات ئي ڪوچنگ جا سمورا معاملا ڏسندو. انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورٽ کان تازو ئي ليول فور ڪوچنگ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد ياسر عرفات کي شين ٽيٽ جي جاءِ تي پاڪستان ٽيم جي نئين بالنگ ڪوچ جي ذميواري ڏيڻ تي به پي سي بي راضپو ڏيکاريو آهي، جنهنجو اعلان جلد ڪيو ويندو.