ممبئي (شوبز نيوز): آريان خان جي ڪپڙن جي مهانگي ترين برانڊ تي سندس والد بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان پنهنجو ردعمل ڏنو آهي، شاهه رخ خان نه رڳو پنهنجي فنڪاراڻي صلاحيتن ۾ بي مثال آهي پر اهڙيءَ طرح سندس مزاح جي حس به تمام گهڻي تيز آهي ۽ اهو اڪثر موقعن تي ان کان ڪم وٺي مداحن کي محظوظ ڪندو آهي، اداڪار مداحن سان ٽويٽر تي سوال جواب جو سيشن رکيو هيو، جتي هڪ مداح کانئس پٽ جي مهانگي برانڊ تي طنز ڪندي ڪمينٽ ڪيو، سوشل ميڊيا صارف لکيو ته ”هي ڊياوول جا جيڪٽ هزار ٻه هزار وارا به ٺاهيو، هي وارا خريد ڪرڻ ۾ ته گهر هليو ويندو.“ شاهه رخ خان سوال تي بدمزه ٿيڻ بنا مزاح جي حس کان ڪم وٺندي چيو ته هي ڊياوول وارا مون کي به سستو نه ڏئي رهيا آهن،

 

ڪجهه ڪريان ٿو.آريان خان تازو ئي پنهنجي برانڊ جو پهريون ڪليڪشن پيش ڪيو، جيڪو پنهنجي مهانگي قيمتن جي باوجود ختم ٿي ويو آهي، ان برانڊ جو سفير سندس والد شاهه رخ خان آهي.