ممبئي (شوبز نيوز): بالي ووڊ جي باصلاحيت اداڪارا عاليا ڀٽ هڪ انٽرويوءَ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هن جي  مڙس  کي سندس ڪاوڙ ۾ رڙيون ۽ گوڙ ڪرڻ پسند ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، انٽرويو دوران ڪپور خاندان جي نُنهن ٻڌايو ته رنبير ڪپور ڏاڍو نرم ۽ صوفياڻي مزاج جو ماڻهو آهي، جڏهن ته کيس تمام جلدي ڪاوڙ اچي ويندي آهي ۽ سندس اها ئي عادت رنبير ڪپور کي پسند ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن هوءَ ڪو ڪم ناهي ڪري سگهندي ته کيس ڪاوڙ ايندي آهي ۽ هوءَ تيز آواز ۾ ان جو اظهار ڪندي آهي. عاليا ڀٽ جو چوڻ آهي ته کيس ڪاوڙ تي ظابطو آڻڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي، ڇاڪاڻ جو سندس اهڙي قسم جو رويو هن جي مڙس کي پسند ناهي. عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي شادي گذريل سال 14 مئي ته ٿي هئي  ۽ کين هڪ نياڻي جو اولاد آهي. ٻئي اداڪار ڪيئي ورهين کان بالي ووڊ فلم انڊسٽري جو حصو آهن پر هيرو هيروئن طور سندس پهرين فلم برهماسترا سندس شادي کانپوءِ گذريل سال نومبر ۾ رليز ٿي هئي.