ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ قدم ڄمائيندڙ اداڪارا غنا علي جلد وڏي اسڪرين تي نظر ايندي. خوبصورت اداڪارا جي پهرين فلم قرباني واري عيد تي رليز ٿيندي، فلم ۾ مرحوم قوي خان ۽ عماد عرفاني به اداڪاري ڪندي نظر ايندا. ان حوالي سان غنا علي جو چوڻ آهي ته فلم ۾ منهنجو ڪردار ڏسندڙن کي پسند ايندو، هن چيو ته هاڻ اسڪرين تي ڪهڙو اداڪار ڪيترو ڪم ڪندو اهو سندس سوشل ميڊيا فالوورز کي ڏسي طئي ڪيو وڃي ٿو.هن چيو ته انسٽاگرام تي اداڪارا جي فالوورز جو انگ ڏسي ڪم ملي ٿو.