راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ان آمريڪي ناظم الامور اينجلا ايگلر ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي گڏيل سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل قمر جاويد باجوا ۽ اينجلا ايگلر ان دوران مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار، ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۽ افغان امن تي ڳالهيون ڪيون. آرمي چيف ڳالهين دوران چيو ته پاڪستان افغان امن عمل جي لاءِ مخلصاڻي سپورٽ ڪئي آهي، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان خطي خاص ڪري پاڪستان جي مفاد ۾ آهي.