آئين ۾ ادارن جا اختيار واضح آهن، عدليه جو احترام پر ائين نه هلندو: وزير اعظم

0
188
آئين ۾ ادارن جا اختيار واضح آهن
آئين ۾ ادارن جا اختيار واضح آهن، عدليه جو احترام پر ائين نه هلندو: وزير اعظم

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته 75سال گذرڻ باوجود آئين سان راند ٿيندي رهِي، آئين ۾ ادارن جا اختيار واضح ٿيل آهن، عدليه جو احترام آهي، حق ۽ سچ جي ڳالهه اڄ نه ڪنداسين ته ڪڏهن ڪنداسين
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڳوڻو چيف جسٽس ڏينهن رات پاڻمرادو نوٽيس وٺندو هو، اِهو نٿو ٿي سگهي ته مون سان هڪڙو ۽ ٻئي سان ٻيو سلوڪ ٿيندو
هن چيو ته اُهي سڀ ايندا آهن ۽ پنهنجي اننگز کيڏڻ بعد واپس موٽي ويندا آهن، مارچ مهيني ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ڊپٽي اسپيڪر آئين ٽوڙيو، پر انهن کي ته ڪنهن نه گهرايو، پر پنجاب جَي ڊپٽي اسپيڪر کي طلب ڪيو ويو
وزير اعظم چيو ته جيڪڏهن ائين نظام هلندو رهيو ته قائد جِي روح تڙپندي رهندي، جيڪڏهن اسان قانون ۽ انصاف کي اڳتي نه وڌايو ته تاريخ جَي پنن مان اسان جو نالو ميسارجِي ويندو
وزيراعظم چيو ته، هڪ لاڏلي کي 15 سالن تائين کير پيارڻ بعد اقتدار تي ويهاريو ويو، 75 سالن ۾ جيتري سپورٽ اُن لاڏلي کي ملي، ايتري ڪنهن کي به نه ملي ۽ نه ئي ملندي، ادارا ڏينهن رات لاڏلي لاءِ اُهي ڪم ڪندا رهيا، جيڪي ڏسي اسان حيران آهيون

ھي به پڙھندا

ڌمڪي ڏني وئي هئي ته 19 هين ترميم پاس ڪيو، نه ته 18 هين ترميم اڏائي ڇڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري