جسقم جي گو افغاني گو ريلي: 29جولاءِ قومي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان: ڌارين کي نيڪالو ڏيو: صنعان

0
225
سنڌ ۾ ڌارين کي نيڪالي

 

نوابشاھ ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي گو افغاني گو ريلي جي اڳواڻي ڪندي سڪرنڊ روڊ کان ھڪ شاندار ريلي ڪڍي جيڪا نوابشاھ شھر جي مختلف علائقن کان ٿيندي شيراز چوڪ تي پھتي
صنعان خان قريشي ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته اڄ سنڌ ڏکي صورتحال مان گذري رھي آھي سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو، سنڌ ڌرتي جا وارث ۽ مالڪ اڄ ٻاهر نڪتا آھن
صنعان چيو ته افغانين کي پنھنجي ملڪ موڪليو وڃي، سنڌ جي تاريخي حيثيت جي بحالي ۽ سنڌ جي وجود ۽ بقا خاطر تاريخي جدوجھد ڪري قومي ٻڌي ۽ سياسي جدوجھد سان اسان سنڌ کي سنوارينداسين
هن چيو ته 29 جولائي تي حيدرآباد ۾ قومي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي جنھن ۾ قومپرستن، دانشورن ۽ اديبن سان صلاح مشورو جي روشني ھيٺ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد فڪر جي روشني ۽ شھيد بابا جي عدم تشدد جي واٽ تي ھلي ڪري ڪراچي ۽ سڄي سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو وري ٻيھر اھو نعرو ھڻنداسين، سنڌ جي آھي ان جا وارث ۽ مالڪ اسين آھيون
هن چيو ته سنڌ ڌرتي جي وارثن کي ڪراچي مان بيدخل ڪرڻ لاءِ سنڌي ڳوٺ ڊاٺا پيا وڃن، ڪراچي ۾ تازو عبداللھ شاھ غازي ڳوٺ کي سرڪاري مشينري سان بلڊوز ڪيو ويو آھي، سوين معصوم ٻارڙن ۽ مردن تي تشدد ڪيو ويو آھي جنھن جي مذمت ڪيان ٿو
ھن چيو ته ڌارين جا ڊوميسائل رد ڪري سنڌ جي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون وڃن
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پنھل ساريو چيو ته پختونن جو اڳواڻ منظور پشتين جيڪڏهن ڌارين جي حمايت ڪري ٿو ته پوءِ هڪ صلاح اٿس جيڪي غير قانوني سنڌ آيا آهن، اهي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارين ۽ پنهنجي وطن هليا وڃن