لاهور ( اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪلي پاڪستان جي دوري تي پهچي ويو، لاهور ايئرپورٽ تي ڇهچڻ وقت پي سي بي عملدارن آءِ سي سي سربراهه جو استقبال ڪيو، 2004 ع کانپوءِ آءِ سي سي جو 2 رڪني وفد پاڪستان آيو آهي ، آءِ سي سي چيئرمين گريگ باڪلي ۽ چيف ايگزيڪيٽو جيف ايلرڊائش کي قذافي اسٽيڊيم آندو ويو، آءِ سي سي وفد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي فنانشل ماڊل جي حوالي سان پي بي سي بي اختيارين سان ڳالهيون ڪندو، ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ان کانسواءِ وومينز ليگ جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون وينديون.