دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي جي فنانشل ماڊل تي ايسوسيئيٽ ميمبرن به خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. آءِ سي سي جي ايسوسيئيٽ ميمبرن جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي نئين فنانشل ماڊل سان ڪرڪيٽ جي گروٿ رڪجي ويندي. ميمبرن جو چوڻ آهي ته نئون فنانشل ماڊل ايسوسيئيٽ ميمبرن جي گهرجن تي پورو نٿو لهي، ان ڏس ۾ سمودا دا مودر جو چوڻ هو ته  جيڪڏهن نئون فنانشل ماڊل منظور ڪيو ويو ته ايسوسيئيٽ ميمبر طور اِهو ڏاڍو مايوس ڪندڙ هوندو.