سکر(بيورو رپورٽ) سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر نثار صديقي جي پٽ حسين صديقي جي برطرفيءَ وارو معاملو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ درخواستگذار حسين صديقي طرفان برطرفيءَ خلاف داخل ڪيل پٽيشن جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. يونيورسٽي انتظاميا حسين صديقي کي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايچ آر جي عھدي تان برطرف ڪيو ھو، جنھن خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پنھنجي برطرفي خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ھو ته يونيورسٽي انتظاميا مٿس بختاور سومرو وڊيو اسڪينڊل جو الزام لڳايو ھو، جيتوڻيڪ بختاور سومرو پاڻ بيان ڏنو ته هن جو وڊيو اسڪينڊل سان ڪو تعلق ناھي. درخواستگذار موجب يونيورسٽي اختيارين کيس قاعدن، ضابطن جي ابتڙ برطرف ڪيو آھي. درخواست گذار حسين صديقيءَ جي وڪيل عبدالصمد مطابق سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ٻنھي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي.