اڏيرو لال اسٽيشن (ن پ ا) اڏيرو لال اسٽيشن ويجهو شاه پور ٿاڻي جي پوليس بااٽر جي چوڻ تي پنج مزدور ٻوڏ سٽيلن تي ايف آئي آر داخل  ڪري ڇڏي آهي. شاه پور درپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او نثار برهماڻي خلاف کوسا برادري، ماڇي برادري برفت برادري جي ماڻهن احتجاج ڪيو. مظاهرين نبي بخش کوسو محمود کوسو عالم برفت ڪامل برفت سگهار خاصخيلي مائي سگهرا سماني ۽ ٻين الزام هنيو ته اسان غريب مسڪين آهيون اسان جا گهر به برسات جي نظر ٿي ويا آهن اٽي جي سير وٺڻ لاء لاچار آهيون مٿا وري پوليس جو ڏاڍايون وڌي ويون آهن، پوليس هر هر گهرن ۾ ڪاهيو پوي ٿي ۽ نياڻين سان بتميزي ڪن ٿا. ايس ايڇ او بااثر  زميندار پرئي جکرئي جي ونگار پيو وهي. بااثر زميندار ڌمڪيون پڻ ڏي ٿو جڏهن ته نبي بخش کوسي جو چوڻ هوته  منهنجي پٽ جي ٽن مهينن جي نياڻي اسپتال داخل آهي سندس گهر واري پڻ بيمار آهي هنن ايس ايس پي مٽياري ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته هن ايس ايڇ او کي هٽائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. متاثرن چيو ته شاه پور درپور ۾ منشيات سري آم بازار ۾ وکر جيا وڪامڻ لڳي هر ماڻهون وڏو توڙي ننڍو زهريلي مين پڙي جو عادي بڻجي ويو آهي.  هنن ڊي  آئي جي  حيدرآباد ۽ ڪورٽ سڳوري کان مطالبو ڪيو آهي ته منشيات وڪرو ڪرائيندڙ ايس ايڇ او نثار برهماڻي کي هٽائي ڪاروائي ڪرائي وڃي.