حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت هٽڙي پوليس پاران خانگي يونيورسٽي جي ايڪٽنگ وائيس چانسلر ۽ ٻين خلاف داخل جعلي ڊگري واري ڪيس ۾ نامزد ايڪٽنگ وائيس چانسلر سميت 3 ڄڻن جي پڪي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. يونيورسٽي جي ايڪٽنگ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر احمد ولي الله قاضي، رجسٽرار ڊاڪٽر روشن ڀٽي ۽ سلطان احمد قاضي وڪيل سجاد احمد چانڊيو معرفت گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ ايڊيشنل سيشن جج نمبر 7 جي عدالت ٽنهي ڄڻن جي عبوري ضمانت منظور ڪئي. گذريل ڏينهن ڪيس ۾ نامزد ٽئي ڄڻا وڪيل معرفت پڪي ضمانت لاءِ پيش ٿيا. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته 4 آگسٽ تي هٽڙي پوليس يونيورسٽي تي قابض وي سي نذير اشرف لغاري جي پٽ ۽ پاڻ کي خانگي اداري جو ايم ڊي سڏرائيندڙ زيڊ احمد لغاري جي چرچ تي قاسم آباد جي ميمڻ سوسائٽي ۾ ڪاهه ڪري يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر حميد الله قاضي کي کنڀي گم ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن تي مٿس زيڊ لغاري جي فرياد تي جعلي ڊگري جاري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس سندس گرفتاري ظاهر ڪئي جنهن بعد ڄاڻايل معاملي تي انهن هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس ۾ نامزد 3 ڄڻن جي پڪي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو.