اوٻاوڙو (رپورٽ: نذير احمد ٿهيم) اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ لانگھو ۾ ھڪ ڏينھن اڳ ڏھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ملڪيت جي معاملي تان جهيڙي ۾ ھڪ قتل ۽ پنجن ڄڻن جي زخمي بعد تڪرار تيز ٿي ويو آهي.جڏهن ته  مقتول جي سئوٽ جي فرياد تي 10 جوابدارن مٿان قتل ۽ ڦر جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب اوٻاوڙو ڀرسان ھڪ ڏينھن اڳ ڳوٺ لانگهو ۾ ڏهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ خانداني ملڪيت جي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ علي حسن سپيو قتل ٿي ويو ھو ۽ پنج ڄڻا مغل سپيو، خالد حسين ملڪ، عبدالعزيز سپيو، رياض احمد سپيو، شبير احمد سپيو زخمي ٿي پيا ھئا. اھڙي واقعي جو ڪيس اوٻاوڙو ٿاڻي تي شفيق الرحمان عرف گوگي خان ڏهر، عقيل احمد خان ڏهر، صبور خان ڏهر، ڄام تيمور خان ڏهر، ڄام ابرار خان ڏهر، صابر ڌونڌو سميت ڏھن ڄڻن مٿان قتل جو ڪيس مقتول جي سئوٽ منيراحمد سپيو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اوٻاوڙو پوليس ٻن جوابدارن عقيل خان ڏهر ۽ ڄام  صبور خان ڏهر کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن نامزد جوابدار ڄام عقيل ڏهر جي بنگلي تي نامعلوم هٿياربند چڙهائي ڪري بنگلي ۾ بيٺل چئن ڪارن ۽ بنگلي ۾ لڳل فرنيچر جي ڀڃ ڊرهه بعد لکين رپين جو پيل سمورو سامان کڻي ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا.