ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ گذريل ڏينھن ھڪ ئي گھر جي فوت ٿيل ٻن عورتن جي وارثن ڳوٺ ڪرم خان چانڊيو جي رھواسين الطاف علي چانڊيو،علي دوست چانڊيو،مسمات شھزادي چانڊيو،امير علي چانڊيو،محمد پتوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي انڊس ھاء وي ڊگري ڪاليج جي چوڪ وٽ لاش رکي ڌرڻو ھنيو. هنن دانھيو ته اسان جا گھر ٻوڏ ۾ لڙھي ويا آھن اسان 25 ڏينھن کان ڪاليج  ۾ اچي ترسيل آھيون پر اسان کي کاڌ خوراڪ ، پاڻي به به ٿو ڏنو وڃي ھتي نه بجلي آھي ۽ نه وري ٽينٽ وغيره ڏنا ويا آھن اسان جون ٻه عورتون فوت ٿي ويون آھن ڪيترائي ٻارڙا ۽ ٻيا ماڻھو بيمار پيا آھن پر صحت کاتي ڪو تحرڪ نه ورتو آھي ھتي ڊاڪٽر نه ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي سگھيا آھن ۽ نه وري مختيارڪار توڙي ضلعي انتظاميا ڪا واھر ڪئي آھي جڏھن ته فوت ٿيل ٻنھي عورتن جو لاش دفنائڻ لاءِ ٻيڙي نه ملڻ تي چندو ڪري لاش اباڻي قبرستان کڻي دفنايو آھي ھنن چيو ته اسان وٽ نه چونڊيل نمائندا آيا آھن ۽ نه وري ضلعي توڙي تعلقي انتظاميا جا نمائندا پھتا آھن خدا جي واسطي نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي احتجاج ۾ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو ۽ ٻيا پھچي فوتي عورت جو لاش دفنائڻ جي لاء ٻيڙي ڪرائي ڏني ۽ ڌرڻو ختم ڪرايو احتجاج جي ٽائيم نيوز تي خبر ھلڻ کان پوء صحت کاتو تحرڪ ۾ اچي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ڊاڪٽر کي مقرر ڪري ڇڏيو آھي.