ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي آءِ ايم ايف سان معاهدي ملڪي صنعتن کي سخت متاثر ڪيو آهي، جنهن سبب مزدور حقن کان محروم آهن، ايف بي آر فوري طور ورڪرز ويلفيئرز فنڊ جي وصولي بند ڪري، هن وقت تائين اوڳاڙي ڪيل رقم سنڌ حڪومت کي منتقل ڪئي وڃي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ليبر کاتي پاران بينظير مزدور ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ سرڪار سنڌ ۾ مزدورن کي بينظير ڪارڊ جاري ڪيو آهي، جنهن سان مزدور طبقي کي تعليم، صحت، شادي جي گرانٽ، وظيفا ۽ ٻيون سهولتون ملنديون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ مزدور يونين ٺهيون، آمر ضياءِ اهو حق ڇني ورتو هو پر بينظير ڀٽو پهرين دور حڪومت ۾ اهي حق واپس ڏياريا، هن وقت وفاقي حڪومت جي آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن ڪري صنعتي شعبو ۽ مزدور متاثر ٿيا آهن، هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايف بي آر کي ورڪرز ويلفئير فنڊ جي اوڳاڙي کان روڪيو وڃي، جڏهن ته اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيوشن ( او اي بي آءِ ) سنڌ حوالي ڪيو وڃي، ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار معاشري جي ڪمزور طبقي خاص طور تي غريبن جي خدمت تي يقين رکي ٿي، اسان پنهنجي دور ۾ ارڙهين ترميم ذريعي ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪري، ليبر سميت سمورا کاتا صوبن کي منتقل ڪيا، سنڌ حڪومت سڀ کان پهرين 2018ع ۾ ليبر پاليسي جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي پورهئي واري وزير سعيد غني خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار بينظير مزدور ڪارڊ جي نالي سان سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيو آهي، جنهن سان مزدورن کي فائدو ملندو.