سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ جي بيراجن وٽ پاڻي کوٽ پنجاهه سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. تربيلا ڊيم ۾ به پاڻي ذخيرو پوڻن اٺن فوٽن جيترو بچيو آهي. ڪالهه خريف جو پهريون ڏهاڪو شروع ٿيڻ شرط کوٽ ۾ شدت اچي وئي آهي ڪوٽڙي بيراج جي ايلوڪيشن 12300 ڪيوسڪ آهي پر اتي ڪالهه پاڻي فراهمي 6206 ڪيوسڪ ٿي رهي هئي. گڊو بيراج ۽ سکر بيراج جي ساڄي پاسي جي ٻن ڪينالن جي ڪالهه سالياني بندي ختم ٿي وئي آهي جنهن بعد سکر بيراج وٽ پاڻي گهرج 35100 ڪيوسڪ آهي پر کڻت 27515 ڪيوسڪ هئي جتي کوٽ 25 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته گڊو بيراج وٽ سنڌ جي هلندڙ ڏهي جي ايلوڪيشن 3700 ڪيوسڪ آهي. پر گڊو بيراج وٽ پاڻي جي بهتر صورتحال نه ٿيڻ سبب اڃان کڻت ناهي شروع ڪئي ۽ جواز اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته گهوٽڪي فيڊر جو مرمتي ڪم هلندڙ آهي ان ڪري فراهمي ۾ ڪجهه دير ڪئي ويندي. سکر بيراج وٽان به رائيس ۽ کيرٿر ڪئنالن کي پاڻي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي. هوڏانهن تربيلا ڊيم ۾ پاڻي سطح 1399 فوٽن تي پهتي آهي ۽ پاڻي ذخيرا رڳو پوڻا اٺ فوٽ بچيا آهن جنهن بعد پاڻي کي رن آف رور تي رکيو ويو آهي. مجموعي طور سنڌ ڏانهن ايندڙ پاڻي وهڪرا کوٽ وارا آهن ۽ آبپاشي ذريعن موجب جيڪڏهن دريائي ڪيچمنٽ ۾ برساتون نه پيون ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اها کوٽ وڌڻ جا امڪان آهن.