اسلام آباد(م ڊ) حڪومت مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ڪامياب مزدور پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،جنهن تحت مزدورن کي آسان قسطن تي قرض ڏئي سگھبا. ان ڏس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون زلفي بخاري چيو آهي ته ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پورهيتن کي خراج تحشين پيش ڪريان ٿو. اڄ کان مزدورن لاءِ ملڪي سطح تي پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته حڪومت ڪامياب مزدور پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مزدورن کي آسان قسطن تي قرض ڏيڻ جي سهولت ڏئي رهيا آهيون، مزدورن کي قرض جي اها سهولت ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ ٻنهي مزورن لاءِ هوندي.