آءِ ايس آءِ کي  لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪس ڪندڙن جو  پتو  لڳائڻ لاءِ جاچ جو حڪم

0
100
آءِ ايس آءِ کي  لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪس ڪندڙن جو  پتو  لڳائڻ لاءِ جاچ جو حڪم
آءِ ايس آءِ کي  لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪس ڪندڙن جو  پتو  لڳائڻ لاءِ جاچ جو حڪم

 آءِ ايس آءِ کي  لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي آڊيو ليڪس ڪندڙن جو  پتو  لڳائڻ لاءِ جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مبينا آڊيو ليڪس خلاف درخواست جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو

جسٽس بابر ستار طرفان 5 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو

عدالت آڊيو کي سوشل ميڊيا تي ليڪ ڪندڙن جو پتو لڳائڻ لاءِ آءِ ايس آءِ کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته گهربل ٽيڪنالوجي استعمال ڪري پتو لڳايو وڃي ته آڊيو سڀ کان پهرين ڪنهن ليڪ ڪئي؟

 عدالت سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته اهڙي قسم جي آڊيوز قومي ميڊيا تي نشر ڪري سگهجي ٿي؟

ڊي جي آءِ ايس آءِ، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي 10 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽس ڏين، پي ٽي اي ان اڪائونٽس کي ٽريس ڪري، جتان سڀ کان پهرين آڊيو رليز ٿي

درخواست ۽ عدالتي حڪمنامو ڊي جي آءِ ايس آءِ، پي ٽي اي،ايف آءِ اي ۽ پيمرا کي موڪلڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي