پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف اڪبر ايس بابر جي درخواست رد

0
99

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف اڪبر ايس بابر جي درخواست رد ڪري ڇڏي، انٽرا پارٽي چونڊن خلاف درخواستون منظور ڪيون ويون آهن

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي

اڪبر ايس بابر جو وڪيل اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پارٽي چونڊن جو ڪو به شيڊول نه ڏنو ويو، پارٽي آئين تحت چيئرمين جي چونڊ لاءِ  ڪا به ڪميٽي نه جوڙي وئي

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن  پارٽي آئين تحت چونڊن جو حڪم ڏنو، ووٽر لسٽ نه ٺهيون، نامزدگي جو طريقيڪار به نه هو

اليڪشن ڪميشن ڪي پي جي ميمبر اڪرام الله رمارڪس ڏنا ته مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، اوهان مون کي سمجهايو، اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 215 واضح آهي، ٻيهر اليڪشن کي وساري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن اڪبر ايس بابر جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي  پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن خلاف درخواستون منظور ڪندي تحريڪ انصاف کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي