اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ رقم ڪري ورتي

0
75

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري سيشن دوران بينچ مارڪ ڪي ايس اِي 100 انڊيڪس 66 هزار جي هڪ ٻي تاريخي بلندي پار ڪري ورتي

ڪي ايس اي  هنڊريڊ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏهاڙي جي شروعات ۾ 66 هزار پوائنٽس جو سنگ ميل پار ڪري وئي

ڪاروباري هفتي جي آخري ڏهاڙي 100 انڊيڪس 1552 پوائنٽس جي رڪارڊ واڌ سان 66 هزار 270 پوانئٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي معيشت ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جو اهم ڪردار آهي ۽ معاشي بهتري سان اسٽاڪ مارڪيٽ سيپٽمبر کان 40 سيڪڙو وڌي آهي، ڊالر جو اگهه سيپٽمبر ۾ 307 رپيا هو، جيڪو هاڻي 284 جي لڳ ڀڳ آهي

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال ملڪ جي معيشت کي ڪيترائي چئلينجز پيش آيا، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت سيڙپڪارن ۾ اعتماد آيو، معيشت جي بهتريءَ سبب اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان آهي، ڪاروباري شخصيتون پرڏيهي منڊين کي پنهنجو هدف بڻائن