ڏھرڪي ۾ ٽرڪ ڊرائيور پنھنجو منھن ڪارو ڇو ڪيو؟

0
335
ڏھرڪي ۾ ٽرڪ ڊرائيور

ڏھرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي پوليس پاران مبينا طور ڀتو گهرڻ تي ٽرڪ ڊرائيور جو انوکو احتجاج، ٽرڪ ڊرائيور احتجاجن منهن ڪارو ڪري ڪپڙا ڦاڙي روڊ تي ويهي رهيو.

ٽرڪ ڊرائيور نديم جو چوڻ آهي ته رحيم يار خان کان ڦٽي لوڊ ڪري فيڪٽري پهتس ته اهلڪارن ڀتو گهريو، ڊرائيور طرفان اهلڪارن تي پئسا ڦرڻ جو الزام، ايس ايڇ او ڏهرڪي معاملي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن پوليس اهلڪارن تي الزام ثابت ٿيو ته سخت سزا ڏني ويندي.