ٽنڊوآدم: جوا ڪيس ۾ گرفتار ايم اين اي جي ڀاءُ سميت 31جوابدارن جي ضمانت منظور

0
300

ٽنڊو آدم ( رپورٽر) ٽنڊو آدم پوليس پاران جوا جي ڪيس ۾ گرفتار اڏي جي مالڪ ايم اين اي جي ڀاء اڪبر جوڻيجو سوڌو 31 جوابدارن جي ضمانت منظور آزاد، ٽنڊي آدم پوليس پاران ٽھل آباد واري علائقي ۾ ڪيتري عرصي کان هلندڙ جوا جي بين الصوبائي اڏي تي ڇاپو هڻي ايم اين اي جي ڀاءُ اڪبر جوڻيجو سوڌو 31 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو، ان سلسلي ۾ گرفتار اڏي مالڪ اڪبر جوڻيجو، طارق سمون، رشيد خاصخيلي ، عابد جوڻيجو، منظور مري، محبوب مگسي، آذان سولنگي، نور محمد مري، آفتاب شاھ ، غلام حيدر باجڪاڻي سوڌو ٻين جي وڪيل ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سانگهڙ جي صدر ۽ مشھور وڪيل الطاف جوڻيجو پااران سول جج ٽنڊو آدم ون جي عدالت ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي، عدالت درخواست منظور ڪندي 50، 50 هزارن جي مچلڪن عيوض سڀني جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو عدالتي ڪاروائي پوري ٿيڻ کانپوء سڀني گرفتار ڪيلن کي سب جيل ٽنڊو آدم مان آزاد ڪيو ويو .