قومي ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ يونس خان عهدو ڇڏي ڏنو

0
487

لاهور: قومي ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ يونس خان عهدو ڇڏي ڏنو آهي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ يونس خان جي بورڊ کان عليحدگي جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته يونس خان جهڙي تجربيڪار شخص کي وڃائڻ افسوس جي ڳالهه آهي، ڌرين طويل گڏيل مشاورت کانپوءِ راهون ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن يونس خان جي بيٽنگ ڪوچ جي خدمتن جي ساراه ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو مستقبل ۾ پنهنجي تجربي ۽ قابليت سان دستياب هوندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ يونس خان معاملي تي وڌيڪ تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. يونس خان کي گذريل سال نومبر ۾ ٻن سالن لاءِ قومي ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو.استعيفيٰ کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي انگلينڊ ۾ بيٽنگ ڪوچ جون خدمتون حاصل نه هونديون. قومي ٽيم جو انگلينڊ جو دورو 25 جون کان 20 جولاءِ تائين آهي ، جنهن ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي 20 انٽرنيشنل شامل آهن.