سنڌ ۾ برساتن جو هڪ وڌيڪ سلسلو داخل ٿيندو

0
294
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ رات کان گجگوڙ سان وسڪاري جا امڪان
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ رات کان گجگوڙ سان وسڪاري جا امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هوشيار خبردار، سنڌ ۾ برساتن جو هڪ وڌيڪ سلسلو 4 آگسٽ ۽ پنج آگسٽ جي وچ واري داخل ٿيندو

موسميات کاتي موجب ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين ميرپورخاص، حيدرآباد، ٺٽي ۽ سجاول ۾ 5 آگسٽ کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو

ٽنڊوالهيار، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ،خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي سميت ٻين ضلعن ۾ به وسڪارو ٿي سگهي ٿو

موسميات کاتي موجب 6 آگسٽ کان ڪراچي ۾ به برسات جو وسڪارو ٿي سگهي ٿو، ڪٿي وچولي ته ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب برسات دوران هيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي سگهي ٿو ۽ برساتي سلسلو 9 آگسٽ تائين جاري رهي سگهي ٿو