ساهيوال ۾ ٻن ڀائرن پنهنجي ئي سڳي ڀاءُ مٿان پيٽرول هاري ساڙي ڇڏيو

0
165
پيٽرول هاري ساڙي ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ) پنجاب جي علائقي ساهيوال ۾ پلاٽ جي تڪرار تان ٻن ڀائرن پنهنجي ئي سڳي ڀاءُ مٿان پيٽرول هاري ساڙي ڇڏيو.

پوليس موجب ٽن ڀائرن جي وچ ۾ پلاٽ جي تڪرار تان جهيڙو ٿيو، جنهن دوران ٻن ڀائرن تيل هاري پنهنجي ٽئين ڀاءُ طارق ڪمال کي ساڙي فرار ٿي ويا.

واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو عملو پهچي متاثر شخص کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو، جتان وڌيڪ علاج لاءِ لاهور ريفر ڪيو ويوجنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي تلاش ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ انهن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو.