ڪشمير ۾ ڀارتي دهشتگردي جاري، وڌيڪ ٽي ڪشميري شهيد

0
245

ڪراچي(م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ ٽي ڪشميري شهيد ٿي ويا.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فورسز والاريل ڪشمير جي ضلعي شوپيان ۾ سرچ آپريشن جي آڙ ۾ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج هڪ نوجوان کي شوپيان ضلعي جي تالان واري علائقي ۾ ، هڪ کي اسلام آباد ۽ هڪ کي باندي پوره ۾ شهيد ڪيو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن والاريل ڪشمير جي پونڇ ضلعي ۾ سرچ آپريشن دوران هڪ حملي ۾ هڪ آفيسر سميت 5 ڀارتي فوجي مارجي ويا هئا.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج تي حملو ان وقت ٿيو جه اهلڪار پونڇ ضلعي جي علائقي سرن ڪوٽ ۾ گهر گهر تلاشي وٺي رهيا هئا.