لانڍي ۾ پرڏيهي شهرين تي حملي ۾ بندش پيل عليحدگي پسند تنظيم  جي ملوث هئڻ جو شڪ ظاهر

0
26
لانڍي ۾ پرڏيهي شهرين تي حملي ۾ بندش پيل عليحدگي پسند تنظيم  جي ملوث هئڻ جو شڪ ظاهر
لانڍي ۾ پرڏيهي شهرين تي حملي ۾ بندش پيل عليحدگي پسند تنظيم  جي ملوث هئڻ جو شڪ ظاهر

لانڍي ۾ پرڏيهي شهرين تي حملي ۾ بندش پيل عليحدگي پسند تنظيم  جي ملوث هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي

سي ٽي ڊي چيو آهي ته اهڙي قسم جو حملو عليحدگي پسند تنظيم جا دهشتگرد ئي ڪري سگهن ٿا

 سي ٽي ڊي انچارچ راجا عمر خطاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهي شهري ٽن گاڏين ۾ سوار هئا، آپگهاتي حملي آور واقعي واري هنڌ موجود هئا، سڪيورٽي گارڊ حملي آورن تي فائرنگ ڪري حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو

سي ٽي ڊي موجب گاڏي جي رفتار گهٽ ٿي ته اسپيڊ بريڪر وٽ حملو ڪيو ويو، گاڏي ۾ سوار سمورا پرڏيهي شهري محفوظ رهيا، دهشتگرد موٽرسائيڪل تي سوار ٿي آيا، واقعي واري هنڌ پهچي دهشتگرد موٽرسائيڪل تان لهي ويا، دهشتگردن گاڏي ويجهو پيادل  اچي فائرنگ ڪري ڏني

هي به پڙهندا

دهشتگردن پرڏيهي شهرين کي نشنو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي: ڊي آءِ جي ايسٽ