عدليه ۾ مداخلت: اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، هاڻ سپريم ڪورٽ فيصلو ڪندي: وزيراعظم

0
33
عدليه ۾ مداخلت: اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، هاڻ سپريم ڪورٽ فيصلو ڪندي: وزيراعظم
عدليه ۾ مداخلت: اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، هاڻ سپريم ڪورٽ فيصلو ڪندي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عدليه جي معاملن ۾ مداخلت واري معاملي تي اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، هاڻي سپريم ڪورٽ ان معاملي جو فيصلو ڪندي، ججز کي ڌمڪين وارن مشڪوڪ خطن جي معاملي تي ڪا به سياست نه ٿيڻ گهرجي

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط واري معاملي تي سپريم ڪورٽ سان ملاقات جي روشني ۾ اسان ڪابينا جي منظوري سان انڪوائري ڪميشن ٺاهي

هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس تصدق جيلاني جي مشاورت ۽ راضپي سان انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، بعد ۾ تصدق جيلاني معذرت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو

شهباز شريف چيو ته  اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي، هاڻي سپريم ڪورٽ ان معاملي کي ڏسي رهي آهي ۽ اها ئي ان حوالي سان فيصلو ڪندي

وزيراعظم چيو ته ججز کي مشڪوڪ خط ملڻ جي جاچ ٿيندي، ججز ڏانهن اماڻيل خطن ۾ مشڪوڪ پائوڊر تي جاچ جاري آهي، حڪومت مڪمل ذميواري سان معاملي جي جاچ ڪرائيندي، ان تي سياست نه ٿيڻ گهرجي