قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري، سني اتحاد ڪائونسل جو گوڙ

0
31
قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري، سني اتحاد ڪائونسل جو گوڙ
قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري، سني اتحاد ڪائونسل جو گوڙ

قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري، اسپيڪر  لاءِ نواز ليگ جو اميدوار اياز صادق ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو عامر ڊوگر ميدان ۾ لٿل، نئون اسپيڪر چونڊجڻ بعد ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪرائي ويندي

ڊپٽي اسپيڪر لاءِ پيپلز پارٽي جو غلام مصطفيٰ شاهه ۽ پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ سني اتحاد ڪائونسل جو جنيد اڪبر ميدان ۾ لٿل، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، احسن اقبال ۽ ٻين پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيا

 ميان نواز شريف، شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ ايوان ۾ موجود، جي يو آءِ ف جو سربراهه مولانا فضل الرحمان اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري چڪو آهي