وفاقي حڪومت ارسا چيئرمين جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

0
41
وفاقي حڪومت ارسا چيئرمين جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو
وفاقي حڪومت ارسا چيئرمين جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

سنڌ جي سخت احتجاج کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ڪالاباغ ڊيم جي ڪٽر حامي  ظفر محمود کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

وزيراعظم آفيس طرفان ارسا چيئرمين جي مقرريءَ جي سمري  واپس وٺڻ جو حڪم نامو جاري، وزيراعظم گذريل ڏينهن  گريڊ 22 جي رٽائرڊ آفيسر ظفر محمود کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو هو

 سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه  وزيراعظم سان فون تي رابطو ڪري ڪالاباغ ڊيم جي ڪٽر حامي  ظفر محمود جي ارسا چيئرمين جي مقرريءَ تي خدشا  ظاهر ڪندي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو

 وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم آڏو واضح ڪيو ته سي سي آءِ ۾ طئي ٿيو هو ته چيئرمين جي مقرري روٽيشن بنياد تي صوبن جي ميمبرز مان ٿيندي

آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته  وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف سان فون تي رابطو ڪري  سنڌ جا خدشا  ٻڌايا

وزيراعظم وڏي وزير ۽ آبپاشي سنڌ جي موقف کي تسليم ڪندي يقين ڏياريو ته ارسا چيئرمين جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺون ٿا

هي به پڙهندا

ظفر محمود کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪرڻ تي مراد علي شاهه جو وزيراعظم سان رابطو