وفاقي ڪابينا، ججز جي مداخلت وارن الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏيڻ جا امڪان

0
36
وفاقي ڪابينا، ججز جي مداخلت وارن الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏيڻ جا امڪان
وفاقي ڪابينا، ججز جي مداخلت وارن الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏيڻ جا امڪان

اڄ وفاقي ڪابينا پاران ججز جي مداخلت وارن الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏيڻ جا امڪان

 وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو گذريل ڏينهن ملتوي ٿيل اجلاس اڄ ٿيندو، ڪابينا جي اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پاران ڳجهن ادارن تي مداخلت جي لڳايل الزامن جو جائزو ورتو ويندو

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات بعد وفاقي سرڪار ججز جي الزامن جي جاچ لاءِ هڪ رڪني ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي

 وزيراعظم چئي چڪو آهي ته عدليه جي آزاديءَ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ پاران به واضح ڪيو ويو هو ته عدالتي معاملن ۾ ڪا به مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي